حارث رئوف انجري جو شڪار، بنگلاديش خلاف سيريز ۾ شرڪت شڪي

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فاسٽ بالر حارث رئوف زخمي ٿيڻ سبب آمريڪا جي ميجر ليگ ڪرڪيٽ مان ٻاهر ٿي ويو.
ميجر ليگ ڪرڪيٽ جي فرنچائز سان فرانسسڪو يونيڪارنس تصديق ڪئي آهي ته حارث رئوف هيم اسٽرنگ انجري جو شڪار ٿي ويو آهي.
ٽيم جو چوڻ آهي ته انجري سبب حارث رئوف ميجر ليگ ڪرڪيٽ جون باقي ميچون نه کيڏي سگهندو.
ٽيم ۾ حارث رئوف جي جاءِ تي نيوزيلينڊ جي بين لسٽر کي فوري متبادل طور شامل ڪيو ويو آهي.
حارث رئوف ميجر ليگ ڪرڪيٽ 2025 ۾ سان فرانسسڪو يونيڪارنس جي نمائندگي ڪندي 8 ميچن ۾ 17 وڪيٽون وٺي سڀ کان وڌيڪ وڪيٽون وٺندڙ بالر رهيو.
انجري سبب حارث رئوف جي هلندڙ مهيني بنگلاديش خلاف شيڊيول ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ شرڪت به شڪي بڻجي وئي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) طرفان ان حوالي سان اڃا تائين ڪو به باظابطا اعلان ناهي ڪيو ويو.
واضح رهي ته بنگلاديش جي دوري لاءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ترتيبي ڪئمپ 8 جولاءِ کان نيشنل اسٽيڊيم ڪراچي ۾ لڳندي ۽ ٽيم 16 جولاءِ تي بنگلاديش رواني ٿيندي. ٻنهي ٽيمون وچ ۾ 2 ٽي-20 ميچن جي سيريز 20 جولاءِ کان شروع ٿيندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.