آءِ سي سي ۾ جئه شاهه کانپوءِ هڪ ٻيو ڀارتي اهم عهدي تي مقرر

دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل ۾ جئه شاهه کانپوءِ هڪ ٻئي اهم عهدي تي هڪ ڀارتيءَ کي مقرر ڪيو ويوآهي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، سنجوگ گُپتا کي آءِ سي سي چيف ايگزيڪٽيو مقرر ڪيو ويو آهي.
آءِ سي سي موجب، سنجوگ گپتا اُڄ کان آءِ سي سي جي چيف ايگزيڪٽيو طور ذميواريون سنڀاليندو.
آءِ سي سي جو چوڻ آهي ته ان عهدي لاءِ 25 ملڪن مان 2500 کان وڌيڪ درخواستون موصول ٿيون هيون، جڏهن ته سنجوگ گپتا جي مقرري مارچ ۾ شروع ٿيندڙ رڪروٽمينٽ پروسيس ذريعي عمل ۾ آئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.