ڪراچي ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي سڀ سمجهون ٿا: عدالت جو ڪي اليڪٽرڪ کي نوٽيس

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) لائن لاسز جي بنياد تي بجلي لوڊشيڊنگ خلاف درخواست تي سنڌ هاءِ ڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ ۽ ٻين کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو.
ٻڌڻي دوران عدالت نوٽيس جاري ڪندي 25 جولاءِ تي نيپرا جي ريجنل هيڊ کي به طلب ڪري ورتو.
جسٽس فيصل ڪمال ريمارڪس ڏيندي چيو ته لوڊشيڊنگ ڪهڙي ريت ٿي رهي آهي، اسان هتي رهندا آهيون سڀ سمجهون ٿا، ڪي اليڪٽرڪ شهر ۾ جيڪو ڪجهه ڪري رهي آهي سڀ سمجهون ٿا، شهرين کي تڪليف جو اندازو آهي پر هي ڪيس آئيني بينچ ۾ وڃڻ گهرجي ها.
درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته ريگولر بينچ اڳ به ان نوعيت جا ڪيس ٻڌي چڪي آهي، ڊڪليريشن چاهيون ٿا حڪم نه، ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي پاليسي جي ابتڙ 18-18 ڪلاڪ لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي، نيپرا کي شڪايت تي فيصلو ناهي ڪيو ويو، ناجائز لوڊشيڊنگ تي نيپرا کي ڪي اليڪٽرڪ خلاف ايڪشن وٺڻ جو حڪم ڏنو وڃي.
واضح رهي ته لائن لاسز جي بنياد تي بجلي لوڊشيڊنگ خلاف درخواست جماعت اسلامي جي 9 ٽائون چيئرمينن طرفان داخل ڪئي وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.