سام سنگ کي وڏو ڌڪ، مشهور ترين سمارٽ فونن جي فهرست ۾ نون ماڊلن ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

گذريل هفتي جي ٽرينڊنگ سمارٽ فونن جي فهرست ۾ سام سنگ کي وڏو ڌڪ، شائومي، گوگل ۽ نٿنگ جي فونن ٽاپ ٿري پوزيشن تي قبضو ڄمائي ورتو.
گذريل هفتي جي مشهور ترين سمارٽ فونن جي جاري ڪيل تازي فهرست ۾ سام سنگ جي ڪا به سمارٽ فون پهرين، ٻي يا ٽِين پوزيشن حاصل نه ڪري سگهي.
گذريل هفتي جي مقبول ترين سمارٽ فونن جي فهرست ۾ پوڪو ايف سيون جي ( نئين انٽري) پهرئين، گوگل پڪسل ٽين پرو فائيو جي( نئين انٽري ) ٻئي ۽ نٿنگ فون (ٿري) فائيو جي ( نئين انٽري ) ٽئين نمبر تي موجود آهن.
سام سنگ گليڪسي اي 56 چوٿين، ون پلس نورڊ 5 فائيو جي ( نئين انٽري) پنجين، سام سنگ گليڪسي ايس 25 الٽرا ڇهين ۽ گوگل پڪسل 10 پرو ايڪس ايل فائيو جي ( نئين اينٽري ) ستين نمبر تي رهي.
فهرست ۾ ايپل آءِ فون 16 پرو ميڪس اٺين، ٽيڪنو پووپا 7 پرو فائيو جي (نئين انٽري) نائين ۽ ڏهين نمبر تي ويوو ايڪس 200 ايف اي فائيو جي ( نئين انٽري ) مجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.