تيز برساتن ۽ شهري ٻوڏ جو الرٽ جاري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) تيز برساتن ۽ شهري ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو.
اين ڊي ايم اي 10 جولاءِ تائين تيز برساتن ۽ ٻوڏ جي صورتحال جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، سنڌو درياهه، ڪابل، چناب، جهلم ۾ پاڻي جي سطح ۾ واڌ جو امڪان آهي ۽ تربيلا، چشمه، تونسا تي هيٺئين درجي جي ٻوڏ جو خدشو آهي.
اين ڊي ايم اي موجب نوشهرا سوات، پنجڪوڙا جي ندي نالن ۾ چاڙهه، ڊيرا غازي خان، راجن پور جي جابلو نالن ۾ وهڪري ۾ شدت جو امڪان آهي، جڏهن ته لاهور، گوجرانوالا، سيالڪوٽ، راولپنڊي ڊويزن ۾ شهري ٻوڏ جو خطرو آهي.
ڏکڻ بلوچستان جي کيرٿر رينج مان نڪرندڙ ندي نالن ۾ چاڙهه ۽ آواران، خضدار، جهل مگسي، قلعي سيف الله ۽ موسيٰ خيل ۾ ٻوڏ جي صورتحال جو خدشو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.