ڊراما انڊسٽري عورتن لاءِ غير محفوظ آهي، ڇوڪريون ذهني طور تيار رهن ۽ بچاءَ جا طريقا سکن: ريحام رفيق

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي خوبرو اداڪارا ريحام رفيق ڊرامه انڊسٽري ۾ عورتن لاءِ غير محفوظ ماحول بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن.
هڪ تازي انٽرويو دوران هن نون ايندڙ اداڪارائن کي خبردار ڪندي چيو ته هو ان شعبي ۾ اچڻ کان اڳ امڪاني خطرن ۽ ڏکيائين بابت آگاهه رهن، ”هتي رڳو مقابلو ناهي، پر ناڪاري رويا پڻ موجود آهن.“
ريحام رفيق پروگرام جي ميزبان سان ڳالهائيندي چيو ته ڊرامه انڊسٽري ۾ فنڪارن وچ ۾ مقابلي جو ماحول ته فطري ڳالهه آهي، پر ڪڏهن ڪڏهن اهو مقابلو ناڪاري روين ۾ تبديل ٿي ويندو آهي.
هن چيو ”مان پاڻ ڪنهن سان مقابلو ڪرڻ يا پاڻ کي ٻين سان ڀيٽڻ تي يقين نٿي رکان، پر مون ڏٺو آهي ته ڪجهه اداڪارائون ساڙ جي ڪري ٻين جي رستي ۾ رنڊڪون پيدا ڪن ٿيون.“
سندس چوڻ هو ته رڳو شوبز ئي نه پر هر شعبي ۾ عورتون غير محفوظ آهن.
ريحام رفيق ان ڳالهه تي زور ڏنو ته اِهو مسئلو رڳو ڊرامه انڊسٽري تائين محدود ناهي، پر گهڻي ڀاڱي هر پيشوراڻي شعبي ۾ عورتن کي مختلف قسمن جي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو.
هن چيو ”هر ڇوڪريءَ کي ذهني طور تي تيار رهڻ گهرجي ۽ پنهنجو بچاءُ جا طريقا ڄاڻڻ گهرجن.“
هن واضح ڪيو ته انڊسٽري ۾ هر قسم جا ماڻهو موجود آهن ”اهو انسان تي آهي ته هو ڪهڙو رستو اختيار ڪري ٿو، مون ساڻ ذاتي طور تي ڪڏهن به ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش ناهي آيو، پر مجموعي طور تي مان ڊرامه انڊسٽري کي عورتن لاءِ غير محفوظ سمجهان ٿي.“

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.