ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ جو سينيئر اڳواڻ عبدالستار بچاڻي ڪراچي جي نجي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.
سينيئر سياستدان عبدالستار بچاڻي 78 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، گهر ڀاتين موجب هو ڪراچي جي اسپتال ۾ علاج هيٺ هو.
عبدالستار بچاڻي جي لاڏاڻي تي صوبائي وزيرن شرجيل ميمڻ، ضياءُ الحسن لنجار، ذوالفقار شاهه، نثار کهڙي، وقار مهدي ۽ ٻين افسوس ۽ گهر ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.
عبدالستار بچاڻي، ذوالفقار علي ڀٽو جو ويجهو ساٿي هو، هو 1977 کان پارليامينٽ جو حصو رهيو ۽ ايم آر ڊي تحريڪ جو اهم ڪردار هو.
عبدالستار بچاڻي ڪيترائي ڀيرا ايم اين اي ۽ ايم پي اي چونڊيو، مرحوم ايم اين اي ذوالفقار بچاڻي جو پيءُ هو.
You might also like