باڊهه (ويب ڊيسڪ) باڊهه لڳ ڳوٺ صاحب خان ملاڻو ۾ هڪ ئي خاندان جون 4 نينگريون پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويون.
فوتين ۾ 5 ورهين جي بشريٰ ملاڻو، 6 ورهين جي فاطمه، 7 ورهين جي حميرا ۽ 8 ورهين جي آمنا ملاڻو شامل آهن.
پوليس ٻڌايو ته بشريٰ ۽ حميرا تلاءَ ۾ ٻڏي ويون، جن کي بچائڻ لاءِ آمنا ۽ فاطما تلاءَ ۾ لٿيون ته اهي به ٻڏي فوت ٿي ويون.
نينگرين جا لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو ۽ سڄي علائقي ۾ سوڳ وارو ماحول پيدا ٿي ويو.
You might also like