شُبمَن گِل بي سي سي آءِ جي اربين ماليت جي ڊيل ڊانوان ڊول ڪري ڇڏي؟

برمنگهم (ويب ڊيسڪ) ايجبسٽن ٽيسٽ ۾ شاندار بيٽنگ ڪري ڪيئي رڪارڊ پنهنجي نالي ڪندڙ ڀارتي ڪپتان شُبمَن گِل وڏي مسئلي جي ور چڙهي سگهي ٿو ۽ سندس هڪ غلطي سبب ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ) کي اڍائي سئو ڪروڙ رپين جي نقصان جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
شُبمَن گِل انگلينڊ خلاف ٽيسٽ ميچ جي ٻنهي اننگز ۾ گڏيل طور 430 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ پهرين اننگز ۾ 269 ۽ ٻي اننگز ۾ 161 رنسون شامل هيون. سندس شاندار بيٽنگ جي مدد ڀارت ميچ ۾ فتح حاصل ڪئي ۽ کيس مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.
پر ڀارت جي ٻي اننگز دوران جڏهن ٽيم 427/6 تي اننگز ڊڪليئر ڪئي ته شُبمَن گِل پويلين مان نائڪي ڪمپني جي ٽائيٽس پائي ميدان تي آيو، جيڪا بي سي سي آءِ جي اسپانسرشپ معاهدي جي ڀڃڪڙي هئي.
واضح رهي ته بي سي سي آءِ جو موجودا ڪٽ اسپانسر ايڊيڊاس آهي ۽ سڀني رانديگرن لاءِ لازمي آهي ته اهي رڳو ايڊيڊاس جو لباس ۽ سامان استعمال ڪن.
شُبمَن گِل جي نائڪي جو پروڊڪٽ پهري ميدان تي اچڻ سان ايڊيڊاس سان ٿيل 250 ڪروڙ رپين جي معاهدي تي اثر پئجي سگهي ٿو.
اهو معاهدو 2023 کان مارچ 2028 تائين آهي ۽ گِل جي ان عمل کي معاهدي جي شرطن جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو پيو وڃي.

ڇا ايڊيڊاس معاهدو ختم ڪري سگهي ٿو؟
قانوني طور تي ايڊيڊاس وٽ اهو حق آهي ته هو معاهدو ختم ڪري يا ڏنڊ جو مطالبو ڪري، ڇو ته واضح طور تي اسپانسرشپ معاهدي جي ڀڃڪڙي ٿي آهي.
پر ان باوجود ڇو ته بي سي سي آءِ دنيا جو سڀ کان امير ترين ۽ بااثر ڪرڪيٽ بورڊ آهي، تنهنڪري ايڊيڊاس لاءِ به اِهو معاهدو فائديمند آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽن ۾ به اِها دعويٰ ڪئي آهي ته آهي ته ايڊيڊاس رڳو وارننگ ڏئي معاملو کي لئي مٽي ڪري ڇڏيندو.
رپورٽن موجب، بي سي سي آءِ طرفان شُبمَن گِل کي امڪاني طور تي نوٽيس جاري ڪيو ويندو ته جيئن هو ان معاملي تي پنهنجو وضاحتي بيان ڏئي سگهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.