” عزت ڏيو عزت وٺو“ ناديا خان جي بيان تي زرنش جو ردعمل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي اڳوڻي اداڪارا زرنش خان ميزبان ناديا خان جي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي انسٽاگرام تي هڪ اسٽوري شيئر ڪئي آهي.
ويجهڙ ناديا خان جو هڪ بيان سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيو، جنهن ۾ هن هانيا عامر ۽ ڀارتي اداڪار دلجيت دوسانجهه بابت وضاحت ڪندي چيو ته سندس راءِ ۾ تبديلي هانيا عامر جي ڪري نه پر دلجيت جي رويي جي بنياد تي آئي آهي.
ناديا وڌيڪ چيو ته وقت سان گڏ راءِ ۾ تبديلي يوٽرن ناهي، پر اها عقلمندي آهي.
زرنش خان ناديا خان جي انهيءَ بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو ته جڏهن توهان ٻين بابت ناڪاري ڳالهيون ڪندا آهيو ته کين ڇا محسوس ٿئي ٿو، هاڻي شايد ناديا خان کي ان جو اندازو ٿي ويو هوندو.
زرنش سوال ڪيو ته ناديا خان ڪهڙي حق سان ٻين شخصيتن تي تبصرا، ٺٺول يا تنقيد ڪرڻ جي اجازت آهي؟
زرنش وڌيڪ چيو ته عزت ڏيندئو ته عزت ملندي، پنهنجو زبان تي ڪنٽرول رکو، جيئن ڪنهن کي توهان جي خلاف ڳالهائڻ جو موقعو ئي نه ملي.
هن وڌيڪ چيو ته جڏهن ڳالهه پاڻ تي اچي ٿي ته برداشت ڪرڻ ڏکيو لڳي ٿو، پر ٻين جي باري ۾ ڪجهه به چوڻ سولو هوندو آهي.
زرنش عوام کي به صلاح ڏني ته هر ماڻهو کي پنهنجي ڪم سان ڪم رکڻ گهرجي ۽ ٻين جي ذاتي زندگي ۾ مداخلت کان پاسو ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.