رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي ويزن 2030 تحت اهم انيشيٽو ”پيلگريم ايڪسپيرينس پروگرام“ 2024 جي سالياني رپورٽ جاري ڪئي آهي ۽ 2022 جي ڀيٽ ۾ ملڪ ۾ حج پانڌيئڙن ۽ عمري زائرين جي آمد ۾ 101 سيڪڙو واڌ ڏسڻ ۾ آئي آهي.
رپورٽ ۾ حج پانڌيئڙن، عمري زائرين لاءِ خدمتن ۾ واڌ ۽ لاڳاپيل ادارن جي ڪاميابين کي اجاڳر ڪيو ويو آهي.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 2024 ۾ ٻاهرئين ملڪن مان هڪ ڪروڙ 84 لک کان وڌيڪ (18.5) حج پانڌيئڙا ۽ عمري زائرين سعودي عرب آيا، انهن مان عمري زائرين جو انگ هڪ ڪروڙ 69 لک 20 هزار (تقريبن 17 ملين)، جڏهن ته حج پانڌيئڙن جو انگ 1.6 ملين آهي.
سعودي عرب جي حج ۽ عمري واري وزير ڊاڪٽر توفيق الربيعه چيو ته سعودي قيادت ويزن 2030 جي اهم هدفن طور حج ۽ عمري زائرين جي خدمت کي ترجيح ڏني.
You might also like