يورپي ملڪ جو پاڪستان ۾ ويزا سروس ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) يورپي ملڪ سوئيڊن پاڪستان ۾ ويزا سروس ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي کاتي جي ترجمان موجب ٻه جولاءِ تي اسٽاڪ هوم ۾ پاڪستان ۽ سوئيڊن جي پرڏيهي وزارت وچ ۾ ٿيندڙ ٻه طرفي سياسي مشاورت کانپوءِ سوئيڊن حڪومت اسلام آباد ۾ ويزا سروس ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو، ان سان پاڪستانين کي مختصر قيام لاءِ سوئيڊن وڃڻ جي سهولت ملندي.
ترجمان چيو ته 7 جولاءِ 2025 کان پاڪستاني شهري 90 ڏينهن تائين سوئيڊن جي دوري لاءِ پاڪستان مان شينجن ويزا لاءِ درخواست ڏئي سگهن ٿا.
ترجمان موجب پاڪستان ان هاڪاري اڳڀرائي جي آجيان ڪري ٿو، جيڪا ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻه طرفي لاڳاپن جي مضبوطي جي عڪاسي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.