تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان چيو آهي ته اسرائيل مون کي قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر محفوظ رهيس.
هڪ انٽرويو ۾ ايراني صدر کان سوال ڪيو ويو ته ڇا اسرائيلي حڪومت کيس قتل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي؟ جنهن تي مسعود پزشڪيان چيو ته ها اسرائيل اهڙي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو ۽ منهنجو ايمان آهي ته زندگي ۽ موت جو فيصلو رڳو الله جي هٿ ۾ آهي.
هن چيو ته مان ملڪ ۽ قوم لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهيان ۽ اسان جي حڪومت جو هر فرد ملڪ جي دفاع لاءِ پنهنجي جان قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
کانئس سوال ڪيو ويو ته توهان کي ڪيئن خبر پئي اسرائيل نشانو بڻائڻ وارو آهي؟ جنهن تي مسعود پزشڪيان چيو ته جنگ دوران مان هڪ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هيس ۽ اسرائيل کي پنهنجي جاسوسن ذريعي ان هنڌ جو علم ٿي ويو ۽ انهن اتي بمباري شروع ڪئي پر ناڪام رهيا.
اسرائيل مون کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام رهيو، زندگي ۽ موت الله جي هٿ ۾ آهي: ايراني صدر
You might also like