ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت صوبي ۾ پورهيتن جي لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجورو 40 هزار رُپيا مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.
صوبائي حڪومت جي نوٽيفڪيشن موجب نيم هُنرمند ماڻهن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ اجرت 41 هزار 280 رُپيا ۽ هُنرمندن لاءِ 48 هزار 910 رُپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اعليٰ هُنرمند پورهيتن لاءِ گهٽ ۾ گهٽ ماهوار اجرت 50 هزار 868 رُپيا مقرر ڪئي وئي آهي.
گهٽ ۾ گهٽ اجرت بورڊ سنڌ جي سيڪريٽري رفيق قريشي موجب، اِها واڌ سنڌ منيمم ويجز ايڪٽ 2015ع تحت ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اعتراض يا تجويزون 14 ڏينهن اندر گهٽ ۾ گهٽ اجرت بورڊ سنڌ ڏانهن اماڻيون وينديون.
سندس چوڻ هو ته گهٽ ۾ گهٽ اجرت ۾ واڌ پهرين جولاءِ 2025ع کان لاڳو ٿي چڪي آهي، جڏهن ته مزدورن جي اجرت ۾ 8.1 سيڪڙو واڌ جي سفارش ڪئي وئي آهي ۽ روزاني بنياد تي گهٽ ۾ گهٽ 192 رُپيا في ڪلاڪ اجرت ڏيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.
رفيق قريشي موجب، گهٽ ۾ گهٽ اجرتون هڙني رجسٽرڊ ۽ اڻ رجسٽرڊ ادارن تي لاڳو هونديون.
محنت واري صوبائي وزير شاهد ٿهيم چيو ته عورت ورڪرن کي به مردن جي برابر اجرت ڏني ويندي، گهٽ ۾ گهٽ اجرت جي ڀڃڪڙي تي قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، اسان پورهيتن کي تحفظ، وقار ۽ بهتر زندگي ڏيڻ چاهيون ٿا.
You might also like