برازيليا (ويب ڊيسڪ) برڪس ملڪن غزا جي پٽي کي ”والاريل فلسطيني علائقي جو اڻٽٽ حصو” قرار ڏئي ڇڏيو.
آچر تي جاري ٿيل گڏيل پڌرائيءَ ۾ برڪس اتحاد ۾ شامل ملڪن اولهه ڪناري ۽ غزا کي فلسطيني اٿارٽي جي تحت گڏ ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پڌرائي ۾ فلسطيني عوام جي حقِ خود اراديت ۽ هڪ آزاد فلسطيني رياست جي قيام جي حمايت ڪئي وئي آهي.
برڪس ملڪن اسرائيلي حملن ۽ غزا تائين انساني امداد جي روڪ بابت سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي ۽ بُکَ کي جنگي هٿيار طور استعمال ڪرڻ جي مذمت ڪئي آهي.
گڏيل پڌرائي ۾ سڀني ڌرين تي زور ڀريو ويو آهي ته هو غزا ۾ ترت، مستقل ۽ غير مشروط جنگبندي لاءِ نيڪ نيت سان ڳالهيون شروع ڪن.
بيان ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته فلسطين جي نئين سر اڏاوت ۾ فلسطيني عوام جو مرڪزي ڪردار هئڻ گهرجي ۽ اهڙين پاليسين جي مخالفت ڪئي وئي آهي جيڪي فلسطيني عوام جي جبري لڏپلاڻ جو سبب بڻجن.
گڏيل بيان ۾ برڪس اتحاد ايران خلاف ٿيل فوجي حملن کي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.
پڌرائي ۾ ڄاڻايوويو آهي ته ”اسان ايران خلاف 13 جون 2025ع تي شروع ٿيل فوجي حملن جي مذمت ڪريون ٿا، جيڪي بين الاقوامي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي ڀڃڪڙي آهن.“
بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته انهن حملن جي نتيجي ۾ وچ اوڀر ۾ سلامتي جي صورتحال خراب ٿي وئي آهي، جنهن تي برڪس ملڪن کي سخت ڳڻتي آهي.
You might also like