لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽر ڪرس ووڪس ڏکڻ آفريڪي ڪپتان وِيان مُلڊر کي ”ڪنگ بابر“ ڪوٺڻ بابت وضاحت ڏئي ڇڏي.
ڪرس ووڪس، معين علي سان گڏ هڪ پروگرام دوران ”ڪنگ بابر“ واري طنزيه تبصري بابت تفصيلي روشني وڌي.
ڪرس ووڪس چيو ته ” مان ويان ملڊر جي انسٽاگرام پوسٽ تي”ڪنگ بابر“ رڳو مذاق طور لکيو، ڇو ته هڙئي مداح ملڊر کي ”ڪنگ بابر“ چئي چيڙائي رهيا هئا، جڏهن ته مان ڏکڻ آفريڪي ليگ ۾ وِيان مُلڊر سان گڏ کيڏي چڪو آهيان.
هن چيو ته پاڪستان ۾ ٽيسٽ سيريز دوران ملڊر ۽ بابر اعظم جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي هئي، جنهن کانپوءِ پاڪستاني ٽيم جا مداح جذباتي ٿي ويا هئا ۽ انسٽاگرام تي مُلڊر کي ”ڪنگ بابر“ لکي ڇيڙڻ لڳا.
ڪرس ووڪس چيو ته ” اسان دوست به مذاق ۾ کيس ”ڪنگ بابر“ چوندا هئاسين، جڏهن مون اِهو تبصرو ڪيو ته بابر اعظم جي پرستارن مونکي به تنقيد جو نشانو بڻايو.“
انگلش آل رائونڊر وڌيڪ چيو ته بابر اعظم بابت اها ڪمينٽ صرف مذاق هئي، پر ان جو غلط مطلب ڪڍيو ويو.