بلاوائيو (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪا زمبابوي خلاف جاري ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ پنهنجي پهرين اننگز 626 رنسن تي پنجن وڪيٽن جي نقصان تي ڊڪليئر ڪري ڇڏي آهي.
بلاوائيو ٽيسٽ ۾ ڏکڻ آفريڪا جي ڪپتان ويان ملڊر ٽرپل سينچري اسڪور ڪري ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پروٽيز طرفان ٽرپل سينچري ٺاهيندڙ ٻيو بيٽر ۽ سڀ کان وڏي انفرادي اننگز کيڏندڙ رانديگر بڻجي ويو آهي.
ملڊر 297 بالن تي ٽرپل سينچري مڪمل ڪئي، هو هاشم آملا کانپوءِ ڏکڻ آفريڪا جي طرفان ٽيسٽ ۾ ٽرپل سينچري اسڪور ڪندڙ ٻيو بيٽر آهي.
هاشم آملا 2012ع ۾ انگلينڊ خلاف 311 رنسن جي اننگز کيڏي هئي، جڏهن ته ملڊر هاشم آملا جو 311 رنسن جو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيو ۽ ٻئي ڏينهن ماني جي وقفي تائين 367 رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هو.
سڄي دنيا جون نظرون مٿس کتل هيون ته هو اڄ اڳوڻي ويسٽ انڊين ڪپتان برائن لارا جو 400 رنسن وارو رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيندو، پر هن ماني جي وقفي کانپوءِ ڏکڻ آفريڪي اننگز ڊڪليئر ڪرڻ جو اعلان ڪري سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو.
ان کانسواءِ ملڊر ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ جي ٻي تيز ترين ٽرپل سينچري به مڪمل ڪئي آهي، ان کان اڳ تيز ترين ٽرپل سينچري جو رڪارڊ اڳوڻي ڀارتي اوپنر وريندر سهواگ وٽ هو، جنهن 278 بالن تي ٽرپل سينچري مڪمل ڪئي هئي.
واضح رهي ته ڏکڻ آفريڪا ۽ زمبابوي جي وچ ۾ ٻي ٽيسٽ ميچ بلاوائيو ۾ جاري آهي.
بلاوائيو ٽيسٽ: مُلڊر نيٺ مُڙي ويو، لارا جو رڪارڊ ٽوڙڻ بدران اننگز ڊڪيلئر ڪري ڇڏيائين
Prev Post
You might also like