برازيليا (ويب ڊيسڪ(برازيل ۾ ٿيل برڪس اجلاس ۾ ڀارت کي سفارتي محاذ تي ناڪامي جو منهن ڏسڻو پيو.
برڪس اجلاس جي گڏيل پڌرائيءَ ۾ پهلگام واقعي جي مذمت ڪئي وئي، پر پاڪستان جو ذڪر نه ڪيو ويو.
ذريعن موجب، ڀارت جي ڪوششن باوجود برڪس پڌرائي ۾ پاڪستان جو نالو شامل نه ٿي سگهيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته چيني صدر 2012ع کانپوءِ پهريون ڀيرو برڪس اجلاس ۾ غير حاضر رهيو، جيڪو ڀارتي بيانئي جي حمايت نه ڪرڻ جو اشارو آهي.
ان کانسواءِ روسي صدر ولاديميئر پيوٽن وڊيو لنڪ ذريعي برڪس اجلاس کي خطاب ڪيو.
برڪس اجلاس ۾ ڀارت کي سفارتي محاذ تي ناڪامي، پاڪستان جي ذڪر بنا پهلگام واقعي جي مذمت
You might also like