پيغامن تي ريپلاءِ ٿريڊ فارميٽ ۾ تبديل،واٽس ايپ جو هي نئون فيچر ڪم ڪيئن ڪري ٿو؟

ويب بيٽا انفو جي جي رپورٽ موجب، جو مشهور پيغام رسائيندڙ ايپ ۾ هڪ اهڙو فيچر متعارف ڪرائڻ جي تياري ٿي رهي آهي، جنهن تحت واهپيدار ميڊيا ميسيجز تي ريپلاءِ ٿريڊ فارميٽ ۾ ڪري سگهندا.
اهڙي قسم جو فيچر فيس بُڪ يا ايڪس جهڙن سوشل ميڊيا پليٽفارمز تي ڪمينٽس تي ريپلاءِ ڪندي استعمال ڪرڻ جو موقعو ملندو آهي.
هاڻي واٽس ايپ ۾ به اهو فيچر شامل ڪيو پيو وڃي ته جيئن چيٽ جو تجربو وڌيڪ سولو ۽ منظم بڻائي سگهي.
هن وقت واٽس ايپ ۾ هر پيغام تي ريپلاءِ هڪ الڳ پوسٽ طور ظاهر ٿيندو آهي، جنهن سبب پراڻن ريپلائز کي ڳولڻ وارو عمل ڏکيو بڻجي ويندو آهي.
پر نئين فيچر تحت ڪنهن به گروپ چيٽ ۾ ريپلائز اوريجنل پيغام جي هيٺيان ئي نظر ايندو، جنهن ذريعي ڳالهه ٻولهه جو متن واضح هوندو.
واٽس ايپ جي نون بيٽا ورزن (اينڊرائيڊ ۽ آءِ او ايس) ۾ ان فيچر بابت اشارو مليو آهي.
رپورٽ موجب، هن فيچر ذريعي واهپيدارن کي سڄي چيٽ هسٽري ۾ اسڪرول ڪرڻ جي ضرورت نه پوندي، بس اوريجنل پيغام تي هڪ ننڍڙو آئڪن ظاهر ٿيندو، جنهن تي ڪلڪ ڪندي ان ميسيج تي ٿيل هڙئي ريپلاءِ سامهون اچي ويندا.
واهپيدار انهيءَ ميسيج ٿريڊ جي اندر ئي سڌو سنئون نوان ريپلاءِ به موڪلي سگهندا ته جيئن ڪنهن خاص موضوع تي ڳالهه ٻولهه هڪ ئي هنڌ تائين محدود رهي.
اهو فيچر خاص طور تي گروپ چيٽس لاءِ نهايت مددگار ثابت ٿيندو، جتي پيغامن جو انگ تمام گهڻو هوندو آهي ۽ انهن کي ٽريڪ ڪرڻ ڏکيو ٿي ويندو آهي.
جيئن ته مٿي ڄاڻايو ويو آهي ته اهو فيچر في الحال بيٽا ورزن ۾ نظر آيو آهي، تنهنڪري في الحال اهو چوڻ مشڪل آهي ته اهو سڀني واهپيدارن لاءِ ڪيستائين متعارف ڪرايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.