سون اگهه ۾ وڏي لاٿ

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه ۾ اڄ وڏي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 2500 رپيا سستو ٿيڻ کانپوءِ 3 لک 53 هزار رپيا ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 2143 رپيا لاٿ سان 3 لک 2 هزار 640 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي طرف عالمي مارڪيٽ ۾ به سون جي قيمت ۾ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي، جتي في اونس سون 25 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 3310 ڊالر ٿي ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.