راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) فِيلڊ مارشل سيد عاصم منير چيو آهي ته ٻطرفي فوجي ڇڪتاڻ ۾ ٻين ملڪن کي شامل ڪرڻ ڀارت جي ناڪام سياسي حڪمت عملي آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، آرمي چيف فِيلڊ مارشل عاصم منير نيشنل ڊفينس يونيورسٽي جو دورو ڪيو، جتي ”نيشنل سيڪيورٽي اينڊ وار ڪورس“ مڪمل ڪندڙ هٿياربند فوج جي آفيسرن کي خطاب ڪيو.
آءِ ايس پي آر موجب، فِيلڊ مارشل پنهنجي خطاب دوران جنگ جي تبديل ٿيندڙ نوعيت تي روشني وڌي ۽ چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ ذهني تياري، عملي ڄاڻ، اداري جي سطح تي پيشوراڻي مهارت ۽ سول ملٽري اداري جي وچ ۾ هم آهنگي کي وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو.
پنهنجي تقرير ۾ فِيلڊ مارشل چيو ته ڀارت آپريشن سندور دوران پنهنجا مقرر ڪيل فوجي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، ان ناڪامي جي غير منطقي وضاحتون ڀارت جي حڪمت عملي جي کوٽ کي ظاهر ڪن ٿيون.
فِيلڊ مارشل چيو ته ڀارت پاڪستان جي ڏهاڪن تي ٻڌل حڪمت عملي، مقامي صلاحيتن ۽ مضبوط ادارن تي ٻڌل ڪاميابي کي تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
سندس چوڻ هو ته ٻطرفي فوجي ڇڪتاڻ ۾ ٻين ملڪن کي شامل ڪرڻ ڀارت جي ناڪام سياسي ڪوشش آهي، ڀارت جا بي بنياد بيان خطي ۾ هڪ فرضي ”نيٽ سيڪيورٽي پرووائيڊر“ جي پاڻمرادو ڪردار جي ناڪام ڪوشش آهن، اهو به اهڙي وقت ۾ جڏهن خطي جا ملڪ ڀارت جي جارحاڻي رويي ۽ هندو توا نظريي کان تنگ اچي ويا آهن.
فِيلڊ مارشل عاصم منير وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي آبادي، فوجي اڏن، اقتصادي مرڪزن ۽ بندرگاهن کي نشانو بڻائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو انتهائي سخت، تڪليف ڏيندڙ ۽ تصور کان وڌيڪ ڏکيو جواب ڏنو ويندو.