لياري واقعو: سنڌ حڪومت جو ايڪشن، ڊي جي ايس بي سي اي معطل، نوٽيفڪيشن جاري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت لياري جي علائقي بغدادي ۾ عمارت ڪِرڻ واري واقعي کانپوءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي (ايس بي سي اي) جي ڊائريڪٽر جنرل اسحاق کهڙو کي معطل ڪري ڇڏيو، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب، اسحاق کهڙو جي جاءِ تي گريڊ 20 جي آفيسر شهمير خان کي ڊي جي ايس بي سي اي جي واڌو چارج ڏني وئي آهي.
ان کان اڳ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو هو ته لياري جي علائقي بغداد ۾ عمارت ڪرڻ جو واقعو انتهائي افسوسناڪ آهي، اڄ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي ڊي جي کي معطل ڪيو ويو آهي، اسان کي اهو به ڏسڻو آهي ته اڳوڻي ڊي جي ايس بي سي اي جو ان معاملي ۾ ڪهڙو ڪردار رهيو آهي.
واضح رهي ته گذريل هفتي ڪراچي جي علائقي لياري بغدادي ۾ هڪ 5 ماڙ عمارت ڪري پئي هئي، جنهن ۾ 6 ڪٽنب رهندڙ هئا، ڏکوئيندڙ حادثي ۾ هنيئر تائين 27 ماڻهن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.