ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي پاران بغدادي ۾ عمارت ڪرڻ واري هنڌ جو دورو

ڪراچي (رپورٽر) اقليتي معاملن بابت وڏي وزير جي خاص مددگار ۽ پ پ اقليتي ونگ سنڌ جي صدر ڊاڪٽر لالچند اڪراڻي لياري جي علائقي بغدادي ۾ پنج ماڙ عمارت ڪرڻ واري افسوسناڪ واقعي بعد واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ متاثر خاندانن سان ملاقات ڪئي، هن چيو ته "هي هڪ انتهائي دل ڏاريندڙ واقعو آهي ۽ اسين هن ڏک جي گهڙيءَ ۾ متاثرن سان گڏ بيٺل آهيون، هن فوت ٿيلن جي وارثن سان دلي تعزيت ڪئي ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي، هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت ۽ انتظاميا پاران ريسڪيو آپريشن تيزيءَ سان جاري آهي، ان موقعي تي، اقليتي ونگ ڊويزن ڪراچي جي سينيئر نائب صدر لڇمڻ مهيشوري ٻڌايو ته ڪڇي مهيشوري برادري جي 14 ماڻهن جا لاش ملي چڪا آهن، جڏهن ته 8 کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين گم آهن.

  • بي گهر ٿيل ماڻهن لاءِ هوٽلن ۾ رهائش جو بندوبست ڪيو آهي:يوسف بلوچ

ڪراچي(رپورٽر) لياري مان چونڊيل اسيمبلي ميمبر يوسف بلوچ چيو آهي ته رهائشي  عمارت جي ڪرڻ سبب بي گهر ٿيندڙ ماڻهن لاءِ هوٽلن ۾ رهائش جو بندوبست ڪيو ويو آهي، يوسف بلوچ چيو ته في الحال بي گهر ٿيل ماڻهن کي علائقي ۾ قائم مختلف هوٽلن ۾ عارضي رهائش فراهم ڪئي وئي آهي، جيئن هو محفوظ هنڌن تي رهي سگهن، ٻئي طرف متاثر عمارت جي چوڌاري موجود ٻين عمارتن کي احتياطي طور خالي ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته پوليس جي وڏي نفري علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو آهي ته جيئن وڌيڪ ڪنهن به خطري کان بچي سگھجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.