گھٽ ۾ گھٽ 40 هزار رپيا اجرت مقرر ڪرڻ جي تجويز

ڪراچي (رپورٽر) گھٽ ۾ گھٽ اجرت سنڌ بورڊ غير ھنرمند ۽ ھنر مند ورڪرز جي گھٽ ۾ گھٽ اجرت مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني. تفصيل مطابق، غير ھنرمند ورڪرز جي گھٽ ۾ گھٽ ماهوار اجرت 40 هزار روپيا، نيم  ھنرمند ورڪرز جي گھٽ ۾ گھٽ ماهوار اجرت 41,280 روپيا، ھنرمند ورڪرز جي گھٽ ۾ گھٽ ماهوار اجرت 48,910 روپيا، ۽ highly skilled ھائلي اسڪلڊ ورڪرز جي گھٽ ۾ گھٽ ماهوار اجرت 50,868 روپيا مقرر ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، اهي اجرتون پهرين جولاءِ 2025 کان لاڳو ٿينديون، گھٽ ۾ گھٽ اجرت بورڊ جي سيڪريٽري محمد نعيم منگي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز 14 ڏينهن اندر پنهنجا اعتراض لاڳاپيل کاتي ۾ جمع ڪرائي سگهن ٿا، سنڌ صوبي اندر قائم سمورا رجسٽرڊ ۽ غير رجسٽرڊ صنعتي ادارا گھٽ ۾ گھٽ ماهوار اجرت ڏيڻ جا پابند هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.