دنيا ۾ رڪارڊ ٿيل واقعن جي پس منظر ۾ ڪيترن ئي مفڪرن ان جي تشريح ڪئي آھي.جنھن ۾ وڌيڪ ٺھڪندڙ تشريح عام ماڻھن جي مزاج جو حصو بڻجي وئي آھي.سنڌي جو سرتاج شاعر بھ انھن مان ھڪ ھو جنھن ڪربلا جي واقعي کي پنھنجي شاعريءَ جو موضوع بڻايو آھي.
سَختي شهادتَ جِي، نسورو ئي نازُ،
رِندَ پَروُڙينِ رازُ، قَضِيي ڪرِبَلا جو.
امام حسين ۽ پوري قافلي جون سختيون سهڻ ۽ امام جي عزيزن ۽ ساٿين جو هڪ هڪ ٿي شهيد ٿيڻ، فرات نديءَ جو پاڻي يزيدين پاران بند ڪرڻ ۽ امام سائينءَ جي قلم ڪيل سر جي دلسوز بيان سميت هر هڪ لمحي کي شاهه صاحب هڪ وڏي فنڪار جيان چٽيو آھي ۽ ن جي منظر کي اثرائتي نموني پيش ڪيو آهي.ھڪ خيال اھو بھ آھي تھ شاهه لطيف ڀٽائي جي سُر ڪيڏاري ۾ جنھن ڪيفيت کي چٽيو ويو آھي.اھو ڪربلا جو ئي واقعو آھي.امامن جي سفر جون صعوبتون،ھٿين خالي سفر، اٽل ارادو،حوصلو، سرن جو نذرانو، هڪ عظيم آدرش لاءِ رت ۾ رڱيل جوانن جا جسم۽ هڪ وڏو اعزاز ۽ شرف سمجهڻ هڪ اهڙو مثال آهي، جو تاريخ جي رڪارڊ ۾ ٻيو مثال نٿو ملي.
بي شڪ امام حسين عليه السلام جن موت کي شهادت سان شڪست ڏيئي، پنهنجي ناني مبارڪ ۽ پيءُ ۽ ماءُ جو نالو روشن ڪيو.دنيا ۾ جن بھ فردن بغاوت ڪئي،جن بھ ماڻھن قرباني ڏني انھن کي انساني تاريخ ۾ اھم جاءِ ملي آھي.ھن وقت تائين جي رڪارڊ تاريخ ۾ اھڙين غيرمعمولي واقعن جو پڙاڏو صدين کان ٻڌڻ ۾ اچي رھيو آھي.اھڙن ئي واقعن ۾ ڪربلا جو واقعو ھڪ خاص اھميت رکي ٿو.جنهن کي صديون گذري وڃڻ بعد بھ انسان ياد رکندا پيا اچن.ان سانحي کي ھڪ دور جو نسل پنھنجي ايندڙ نئين نسل ڏانهن منتقل ڪندو اچي ٿو.
ڪربلا جو واقعو سبق سيکاري ٿو ته ظالم سان هر حالت ۾ مقابلو ڪيو وڃي ۽ مظلوم جو هر صورت ۾ ساٿ ڏنو وڃي.ظلم جي ظلم جي معنيٰ کي سمجهڻ لاءِ ڪربلا جو واقعو ھڪ نمونو آھي.ايئن به ناهي ته ڪو دنيا مان رڳو ٻوليون ۽ ثقافتون نابود ٿي وينديون آهن پر جيڪڏهن تاريخ کي زنده رکڻ جي جستجو نھ ڪجي ته خود تاريخ به ميسارجي ويندي آهي.اسلامي تاريخ ۾ قرباني جو واقعو هر دور ۾ امر رهيو آهي جن کي ياد رکڻ جو ھڪ مقصد اهو هوندو آهي ته ماڻهو اهڙن واقعن ۽ سانحن مان اتساهه وٺي پر انهيءَ الميي تي به ماتم ڪري سگهجي ٿو ته انهن تاريخي واقعن مان سبق گهٽ ئي پرايو وڃي ٿو ۽ انهن واقعن کي صرف مذهبي فرضن تائين محدود رکيو وڃي ٿو پر اندر ۾ پاڻکي اجاريو نٿو وڃي.پنهنجي اصلاح نٿي ڪئي وڃي،پنهنجي ڌرتيءِ تي ۽ سماج اندر موجود ”ظالم“ خلاف اٿي کڙي ٿيڻ واري سبق تي عمل نٿو ڪيو وڃي.
ڪربلا جي واقعي جي مطالعي مان اِهو معلوم ٿئي ٿو ته شهادت امام حسين عه تاريخ جو اُهو المناڪ سانحو آهي، جنهن جي ذڪر کان ڪو به زمين جو خطو خالي ناهي،ڪائنات جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اڄ به ذڪر حسين عه ادب و احترام سان ڪيو ويو وڃي ٿو.اسلام جي تاريخ ۾ بيشمار شهادتون ٿيون آهن ۽ هر شهادت پنهنجي پنهنجي جاءِ تي اهميت رکي ٿي، پر امام حسين عه جي شھادت جو واقعو ڪيترن ئي اعتبارن سان ٻين کان مختلف ۽ منفرد آهي.
حضرت امام حسين عه اهڙي عظيم تاريخي قرباني پيش ڪئي، جنهن جو مثال دنيا جي تاريخ ۾ نٿو ملي. هڪ طرف ظلم جو منظر هو ته ٻئي طرف پيغمبر عليه السلام جي آل سان گڏ 72 ساٿين جي ننڍڙي جماعت جو باطل سان مقابلو ۽ ان سان جهاد تي ثابت قدمي، قرباني ۽ جان نثاري جو اهم منظر هو ۽ انهيءَ واقعي ۾ اسان جي لاءِ هزارين عبرتون ۽ حڪمتون پوشيده آهن. حضرت امام حسين عه طاقت جي نشي ۾ چور، تڪبر ۽ جي غورور جي پيڪر يزيد کي پنهنجي شجاعت ۽ بهادري سان للڪاري اهو عظيم مثال قائم ڪيو، جنهن هڪ طرف دنيا کي حيرت ۾ وڌو ته ٻئي پاسي ڪربلا جي ميدان ۾ حضرت امام حسين عه جن پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان سميت دوستن جون شهادتون پيش ڪري اسلام ۽ انسانيت کي قيامت تائين بچائيندي اسلام کي هڪ نئي زندگي عطا فرمائي
اڄ ڪربلا جي بھادرن جي شهادت جو ڏينهن آهي، جن ثابت ڪري ڏيکاريو ته جنگ رڳو هٿيارن ۽ ماڻهن جي تعداد سان نه پر ڏاهپ، ۽ سڀ ڪجهه قربان ڪرڻ جي جذبي سان به وڙهي سگھجي ٿي. حضرت امام حسين عه جي شهادت دنيا جي سڀني محڪوم، مظلوم ماڻهن ۽ قومن کي اميد ۽ اتساهه بخشيو آهي. جنهن درس ڏنو ته حق ۽ سچ تي ڀلي ٿورائي ڇو نه هجو ڪوڙ سان مهاڏو اٽڪايو، پوءِ ڇو نه ماريا وڃو!
ڪربلا جو واقعو درس ڏئي ٿو ته ظالم ڪيترو به بااثر ڇو نه هجي.پر فتح آخر حق ۽ سچائي جي ٿيندي آهي .هي مثال انسان ۽ انسانيت جي بقا جو نالو آهي. جيڪا ڏهين محرم الحرام 61 هه تي واضح ٿي هئي، حضرت امام حسين عه جي مقدس هستيءَ جي شهادت، ميدان ڪربلا کي جيڪو مقام، مرتبو ۽ عالم السلام ۽ عالم انسانيت کي سوچ ۽ فڪر عطا ڪيو آهي، ان کي سمجهڻ جي ضرورت آهي ته هي واقعو ئي ناهي پر هي هڪ حقيقت به آهي امام حسين عه جي سوچ ۽ فڪر کي “حسينيت” جو نالو ڏنو ويو آهي ته ٻئي طرف يزيد جي سوچ ۽ فڪر کي ”يزيديت“ جو نالو ڏنو ويو آهي.
زماني کان ظالم ۽ مظلوم جي ھلندڙ جنگ ۾ عرصي کان حسينيت ۽ يزيديت ھڪ تمثيل بڻجي ويا آھن.اھا جنگ جاري آھي ۽ جاري رھندي. ائين امام حسين عھ جو نالو بھ مظلوميت جي ڌر سان جڙيل ۽ گڏ رھندو.