هيءَ عمارت لياريءَ ۾ نه پر سنڌ حڪومت جي بنيادن تي ڪري پئي آهي!

تحرير: عبدالوهاب منشي

لياري، پاڪستان جي سياسي تاريخ ۾ هڪ اهم ۽ اڻ وسريل نالو آهي، اھو هميشه، هر دور ۾ پيپلز پارٽي جي اقتدار لاءِ مضبوط ۽ وفادار قلعي جي حيثيت رکي ٿو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽو لاءِ ته لياري تاج محل کان گهٽ نه هئي. اُها لياري جنهن جا رستا، ڪنهن دور ۾  جيئي ڀٽو جي نعرن سان گونجندا هئا.اتي اڄ ڀٽي ۽ پ پ جو نالو اوپرائپ سان ورتو ٿو وڃي. اڄ جيڪڏهن مان چوان ته سنڌ جي سياسي اشرافيا جي هر نامياري خاندان جا وڏڙا ڪنهن نه ڪنهن نموني لياري سان وابسته رهيا آهن، ته اِهو ڪو وڌاءُ نه پر تاريخي سچ آهي. پر افسوس، اڄ اهي ئي ماڻهو ۽ سندن خاندان لياري، ڪياماڙي، بابا ڀٽ، ۽ منهوڙي جهڙن علائقن لاءِ نه فڪر مند آهن، نه ئي اتان جي رهواسين جا ڏک ونڊڻ لاءِ موجود آهن. اها وڏي بدقسمتي چئبي جو اڄ جو سياستدان صرف ڪراچي پريس ڪلب، جيمخانه ۽ ڪلفٽن/ڊي ايڇ اي جي شادي هالن تائين محدود آهن. اهي ته هاڻ پنهنجي ذاتي عيش ۽ آرام جي زندگيءَ ۾ ايترا مگن آهن جو لياري جي دردن ۽ ديرن تي به سندن نظر نٿي پوي.

دوستو، پاڪستان جي قائم ٿيڻ جي ڪهاڻي صرف جلسن ۽ قراردادن جي ناهي،اها قربانين، فهم، دور انديشي، ۽ حڪمت عمليءَ جي طويل جدوجهد آهي،جنهن ۾ سنڌ جو ڪردار سونهري باب وانگر چمڪندو رهيو. قائداعظم محمد علي جناح جڏهن پنهنجي 14 نڪتن جي ذريعي هڪ آزاد مسلم رياست جو خواب ڏسي رهيا هئا، تڏهن سنڌ کي بمبئي پريزيڊنسيءَ کان ڌار ڪرڻ هڪ انقلابي قدم هو. سر شاهنواز ڀٽي ۽ سر عبدالله هارون جهڙا اڳواڻ،جن ڪڇين ۽ بلوچن کي زمين جي ليز ڏئي،ڪراچي ۾ مسلم آباديءَ کي وڌايو، جنھن جي نتيجي ۾ سنڌ کي جدا مسلم سڃاڻپ ملي، تن جا پونئر پڻ پنهنجي اباڻي ورثي کي وساري چڪا آهن. ان سموري لاتعلقي باوجود اسان کي سمجهڻ کپي ته لياري اُهو ئي علائقو آهي،جنهن ۾ ان تاريخي تحريڪ پنهنجي پاڙون پختيون ڪيون. پر اڄ… اڄ لياري ۾ مايوسي، محرومي، ۽ ماتم آهي.

اڄ جتي آزاديءَ جا نعرا لڳندا هئا، اُتي خاموشي آهي… نوحا آهن ۽ قبرستان جهڙو ماحول آهي. ٽيون ڏينهن جڏهن مون ٽي وي تي بغدادي جي انهيءَ پنج ماڙ عمارت کي ڊهندي ڏٺو، ته دل ۾ درد ڀڙڪي پيو.محرم الحرام جي ڏکن ڀريل ڏينھن ۾ اُهو منظر قيامت کان گهٽ نه هو. ھر پاسي تباهي ۽ بربادي هئي.ڪيترائي لاش ملبي هيٺان نڪتا آهن ۽ اڃان به ڳولا جاري آهي. ٻار، نوجوان، عورتون، سڀ رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهيا آهن. انهيءَ ڏکوئيندڙ صورت حال ۾ سڀ کان وڌيڪ اھم سوال اٿئي ٿو ته ان الميي جو  ذميوار آهي ڪير؟ ڇا سنڌ حڪومت؟ ڇا وڏو وزير مراد علي شاهه؟ ڇا سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي؟  اهي سڀ فرد ۽ ادارا،جن جو ڪم هو ته عمارت جي زبون حاليءَ جو جائزو وٺڻ ۽ ھنگامي حالتن لاءِ اپاءَ وٺن، انهن جي نااهليءَ سبب اڄ لياري رت روئي رهي آهي.

افسوس اهو آهي ته اڄوڪي سنڌ جي بيروڪريسي، ان عوام جي تذليل ڪري رهي آهي، جن جي بزرگن هن ڌرتيءَ لاءِ پنهنجو سڀ ڪجهھ قربان ڪيو هو. سندن لاءِ لياري جو ڏک هڪ تماشو بڻجي چڪو آهي ۽ ان تماشي مان ڪجهه ماڻهو پنهنجا خزانا ڀري رهيا آهن. ڄڻ ان حادثي جو شڪار ٿيل انسان نه پر واپاري وکر هجن. پر حادثي جي ذميوارن کي سمجهڻ کپي ته ان حادثي واري هنڌ کان ڪجهه قدم پري سر عبدالله هارون جي قبر آهي جيڪا خاموشي سان سڀ ڏسي رهي آهي. اُهو ئي عبدالله هارون، جيڪو پاڪستان جي مالي ۽ فڪري بنيادن جو معمار هو.

ان ئي ملبي جي ويجهو "مدرسه مظھرالعلوم” آهي.اُهو ئي روحاني، علمي، ۽ انقلابي مرڪز، جتي خلافت تحريڪ جي گونج ٻڌبي هئي،جتي مولانا عبيدالله سنڌي جھڙا باڪردار ماڻهو ترسيل هوندا هيا.لياري جي هيءَ گهٽي ڪا معمولي گلي ناهي،هي پاڪستان جي خواب جو پهريون ڏاڪو آهي. ان ڪري جڏهن اسان لياري جي موجوده حالت تي افسوس ڪريون ٿا، ته دراصل اسان پنهنجي تاريخ، پنهنجي ورثي،۽ پنهنجي ضمير جي موت تي ماتم ڪري رهيا آهيون پر افسوس ته اُن جاءِ واردات تي (هي ليک لکجڻ تائين) نه سنڌ جو وڏو وزير پهتو،نه سندن ڪابينا،نه بلاول ڀٽو زرداري. ڇا اهي نٿا ڄاڻن ته جيڪر شهيد بي نظير ڀٽو اڄ زنده هجي ها، ته هو سڀ کان اڳ لياري جي ماڻهن جي وچ ۾ بيٺي هجي ها؟ کين اهو احساس ڇو نه ٿو ٿئي ته هي ملبو صرف سرون ۽ سيمنٽ جو ڍير ناهي، هي سنڌ حڪومت جي ناڪامي، بيحسي، ۽ زوال جو علامتي ملبو آهي، جيڪو سڀني آڏو ڦهليل آهي.

سنڌ حڪومت جي ان بي حسي باوجود دل کي هڪ اطمينان ان وقت مليو، جڏهن معلوم ٿيو ته لاڙڪاڻي مان امام حسين جي عزاداريءَ ۾ موجود جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو کي جڏهن هن سانحي جي خبر پئي ته بنا ڪنهن ڏيکاءَ جي، ڪلاڪن جو سفر ڪري پهرين 70 ڪلفٽن ۽ پوءِ بغدادي جي ان ماتمي گليءَ ۾ اچي پهتو، جتي سندس اباڻي تڪ جي ماڻهن مٿان ڏک جو پهاڙ ڪريو هو. هو اتي لاڙڪاڻي مان سيڙجي نه رڳو تعزيت لاءِ آيو، پر پنهنجي موجودگيءَ سان ثابت ڪري ويو ته شهيد ڀٽو جو  ٻاريل ڏيئو اڃا وساميو ناهي، اڃا ڪجهه مشعلون روشن آهن. سلام آهي جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو کي،هڪ سچي وارث کي، جنهن وقت جي آزمائش ۾ماڻهن جي وچ ۾ بيهي،اُن وفاداريءَ جو ثبوت ڏنو، جن جي ڪهاڻيون هاڻ ڪتابن ۾ لکيون وڃن ٿيون. مان نه ڪنهن پارٽي سان لاڳاپيل آهيان، نه ڪنهن نظريي جو پابند، رڳو هڪ وڪيل آهيان، هڪ قلمڪار، پر جيڪو ڏٺو، اهو لکڻ فرض آهي. ياد رکو، هيءَ بلڊنگ رڳو بغدادي ۾ نه ڪري آهي ان سنڌ حڪومت جي بنيادن کي لوڏي ڇڏيو آهي. مون کي لڳي ٿو ته شايد ايندڙ چونڊن ۾، هي تباھ حال عمارت، لياري جي تاريخ جو فيصلو لکندي.

اڄوڪي سنڌ جي بيروڪريسي، ان عوام جي تذليل ڪري رهي آهي جن جي بزرگن هن ڌرتيءَ لاءِ پنهنجو سڀ ڪجھه قربان ڪيو هو. سندن لاءِ لياري جو ڏک هڪ تماشو بڻجي چڪو آهي ۽ ان تماشي مان ڪجهه ماڻهو پنهنجا خزانا ڀري رهيا آهن. ڄڻ ان حادثي جو شڪار ٿيل انسان نه پر واپاري وکر هجن. پر حادثي جي ذميوارن کي سمجهڻ کپي ته ان حادثي واري هنڌ کان ڪجهه قدم پري سر عبدالله هارون جي قبر آهي جيڪا خاموشي سان سڀ ڏسي رهي آهي. اُهو ئي عبدالله هارون، جيڪو پاڪستان جي مالي ۽ فڪري بنيادن جو معمار هو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.