بلوچستان، جيڪو جاگرافيائي ايراضيءَ جي لحاظ کان پاڪستان جو سڀ کان وڏو صوبي آهي، بدقسمتي سان تعليم جي ميدان ۾ سڀ کان پوئتي بيٺو آهي. تازن انگن اکرن مطابق صوبي ۾ ٽي ملين کان وڌيڪ ٻارڙا اسڪولن کان ٻاهر آهن. اها ڪا معمولي انگ نه آهي، پر پوريءَ نسل جي تعليمي سانحي جو هڪ ڳچو اعلان آهي.بلوچستان ۾ هن وقت لڳ ڀڳ 15,165 اسڪول آهن، جن مان 80.1 سيڪڙو صرف پرائمري اسڪول آهن. سڄي ملڪ ۾ سرڪاري ۽ غيرسرڪاري اسڪولن جي تعداد ٽن لک کان به مٿي آهي، پر بلوچستان ۾ اڪثر اسڪول يا ته بند پيل آهن يا بيڪار بڻجي چڪا آهن. تعليم بابت تيار ٿيندڙ سرڪاري رپورٽن مان ظاهر ٿئي ٿو ته صوبي ۾ 85 سيڪڙو اسڪول غيرفعال آهن.
صوبائي حڪومت دعويٰ ڪندي رهي آهي ته انهن مان ڪجهه اسڪول ٻيهر فعال ڪيا ويا آهن، پر حقيقت اها آهي ته موجوده حڪومت جي دور ۾ ئي 542 اسڪولن جا در بند ٿي ويا. هڪ ٻي رپورٽ ۾ ان ڳالهه جو انڪشاف ڪيو ويو آهي ته صرف هن ئي سال 3,152 اسڪول بند ٿيا.پوري صوبي ۾ بند ٿيل اسڪولن جو سڀ کان وڏو انگ ضلعو پشين ۾ آهي، جتي 254 اسڪول بند آهن. ان جي ڀيٽ ۾ ضلعو ڊيره بگٽي سڀ کان گهٽ متاثر ٿيو آهي، جتي صرف 13 اسڪول غيرفعال آهن. خضدار ۾ 251، قلات ۾ 179، قلعو سيف ﷲ ۽ بارخان ۾ 179 ۽ 174، ۽ صوبي جي گاديءَ واري شهر ڪوئيٽه ۾ 152 اسڪول بند ٿيل رپورٽ ٿيا آهن.
بلوچستان اسيمبلي ۾ هڪ ميمبر جي پڇاڙيءَ تي صوبي جي تعليم واري وزير اعتراف ڪيو ته بلوچستان ۾ في الحال 16 هزار استادن جي کوٽ آهي.ان افسوسناڪ صورتحال جو ذميوار ڪير آهي؟ اهو رڳو حڪومت يا ادارن تي ڇڏي ڏيڻ جو سوال نه رهيو، پر هڪ اجتماعي ناڪاميءَ جو داستان بڻجي چڪو آهي. صوبي ۾ تعليمي ڍانچي جي زبون حالي، ناقص رٿابندي، وسيلا نه هجڻ، بدانتظامي، نااهلي، ڪرپشن ۽ سياسي مداخلت جهڙا عنصر انهن ٻارن جي مستقبل جا قاتل بڻجي ويا آهن، جيڪي اڄ به قلم پڪڙي سکڻ جي خواهش رکن ٿا.هي تعليمي اونداهه صرف بلوچستان جو نه، پر پوري پاڪستان جي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ سخت خطرناڪ وڄ آهي، جنهن جو علاج لفظن سان نه، پر فوري عمل سان ئي ممڪن آهي. هاڻ حڪومت استادن جي ڀرتين جو سلسلو شروع ڪيو آهي، جيڪو يقيناً دير سان سهي، پر تعليم جي ڏڪار ۾ هڪ اميد جي ڪرڻي طور ڏٺو پيو وڃي. صوبي جي سطح تي جيڪڏهن اعليٰ تعليم جي اداري ڏسجن ته سڄي بلوچستان ۾ رڳو 135 انٽرميڊيئيٽ ۽ ڊگري ڪاليج موجود آهن، جڏهن ته يونيورسٽين جو انگ صرف 9 آهي، جيڪو صوبي جي ايراضي، آبادي، ۽ تعليمي ضرورتن جي ڀيٽ ۾ انتهائي غيرتسلي بخش آهي.
بلوچستان جو مالي سال 2025 لاءِ ڪل بجيٽ 1020 ارب رپين تي ٻڌل آهي، جنهن مان 640 ارب رپيا غير ترقياتي بجيٽ لاءِ رکيا ويا آهن، ۽ اسڪولن جي لاءِ رڳو 19.8 ارب رپيا مختص ڪيا ويا آهن. ائين لڳي ٿو ڄڻ تعليم، جيڪا ڪنهن به سماج جي اڏاوت جو بنيادي ستون آهي، ان کي باقي سڀني کاتن کان گهٽ اهميت ڏني پئي وڃي.سرڪاري انگن اکرن مطابق صوبي ۾ خواندگيءَ جو شرح لڳ ڀڳ 42 سيڪڙو آهي، جن مان مردن ۾ شرح 50 سيڪڙو ۽ عورتن ۾ صرف 32.80 سيڪڙو ڄاڻايل آهي. هي شرح باقي ٽي صوبا، پاڪستان جي قبضي هيٺ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي مقابلي ۾ تمام گھٽ آهي.بلوچستان جي تعليم ماهرن جي متفقه راءِ اها آهي ته حڪومت طرفان خواندگيءَ جي انگن اکرن ۾ ڪا نه ڪا ڦيرڦار ڪئي وئي آهي، ڇو ته زميني حقيقتون ان انگن سان ميچ نه ٿيون ڪن.
تعليم کاتي جي هڪ ذميوار آفيسر پاران ان بابت وضاحت ڪندي ٻڌايو ويو ته ٻارن جي اسڪولن کان ٻاهر رهڻ جا بنيادي سبب غربت، اسڪولن جي دوري مفاصلي تي هجڻ، موسم جون تڪليفون، ڪورونا جي تباهي، بيروزگاري ۽ تعليم جي نظام ۾ ناقص تدريسي ۽ جاچ جو عمل شامل آهن.ان ڳالهه جي به نشاندهي ڪئي وئي ته صوبي ۾ پرائمري اسڪول ته ڪيترائي آهن، پر مڊل ۽ هاءِ اسڪولن جو انگ انتهائي گهٽ آهي، جنهن جي ڪري پرائمري مڪمل ڪندڙ شاگردن لاءِ سکيا جو سفر جاري رکڻ ڏکيو بڻجي وڃي ٿو.خاص طور تي ڇوڪرين لاءِ اهو مسئلو وڌيڪ ڏکيو بڻجي وڃي ٿو، ڇاڪاڻ ته پنجين درجي کانپوءِ ويجهي ڪا به مڊل يا هاءِ اسڪول موجود نه هجڻ سبب، ڪيترين ئي ڇوڪرين جي تعليم جو سفر اتي ختم ٿي وڃي ٿو.
اها صورتحال نه صرف هڪ صوبي، پر پوري قوم جي لاءِ فڪري الميو آهي. علم کان محروم نسل نه صرف پنهنجي مستقبل کان وانجهيل رهندي، پر سڄي سماج جي ترقيءَ لاءِ به رڪاوٽ بڻجي سگهي ٿي. تعليم کي ترقيءَ جي ڪنجي سمجهڻ کان اڳ، اسانکي ان ڪنجيءَ کي سنڀالڻ لاءِ سياسي، سماجي ۽ انتظامي سجاڳيءَ جي سخت ضرورت آهي. اعداد و شمار جو جائزو وٺڻ سان اها ڳالھ سامهون اچي ٿي ته بلوچستان ۾ پرائمري اسڪول مڪمل ڪندڙ ٻارن مان لڳ ڀڳ 70 سيڪڙو ٻارڙا تعليم ڇڏين ٿا، جن ۾ اڪثريت ڇوڪرين جي آهي. هي انگ نه رڳو دل دهلائيندڙ آهي، پر ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته تعليم جو ڍانچو ڪيڏو نه ڪمزور ۽ غيرمؤثر بڻجي چڪو آهي.
بلوچستان جي مختلف شهرن مان رپورٽنگ ڪندڙ ڪجهه صحافين جو خيال آهي ته اقتداري ڌرين تعليم جهڙي حساس شعبي سان بي حسيءَ جو مظاهرو ڪندي اهڙن ماڻهن کي استاد مقرر ڪيو، جن وٽ نه ته تدريسي قابليت هئي ۽ نه ئي تعليم ڏيارڻ جو جذبو. انهن ماڻهن کي سياسي بنيادن تي نوڪريون ڏنيون ويون، نتيجي طور ڪيترائي اسڪول استادن جي کوٽ سبب بند ٿي ويا، ۽ جن اسڪولن ۾ استاد هئا به، سي به تدريسي معيار پورو ڪرڻ جي قابل نه رهيا.بلوچستان جي تاريخي پسمنظر ۾ ڏسبو ته صوبي جي پهرين چونڊيل جمهوري حڪومت 1970ع واري ڏهاڪي ۾ نئشنل عوامي پارٽي جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿي، جنهن جي اڳواڻي مير غوث بخش بزنجو ۽ سردار عطاءَ الله مينگل ڪري رهيا هئا. انهيءَ حڪومت جي دور ۾ ئي بلوچستان يونيورسٽي قائم ڪئي وئي، گڏوگڏ ميڊيڪل ڪاليج جو بنياد وڌو ويو، ۽ صوبي ۾ پهريون تعليمي بورڊ به قائم ٿيو.بدقسمتيءَ سان اها تاريخي حڪومت رڳو نَو مهينن کانپوءِ هٽائي وئي، جنهن سان نه صرف جمهوريت جو جنازو نڪتو، پر تعليم جي اميدن تي به پاڻي ڦري ويو.
2013ع ۾ ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ جي قيادت ۾ نئشنل پارٽي جي حڪومت قائم ٿي، جنهن پنهنجي دور ۾ ڪجهه اهم تعليمي قدم کنيا. انهيءَ دور ۾ مادري ٻوليءَ ۾ تعليم جو عمل شروع ڪيو ويو، ڪيترين ئي نون يونيورسٽين جو بنياد وڌو ويو، ۽ تعليمي بجيٽ وڌائي 24 سيڪڙو تائين آندي وئي ـ جيڪو هڪ رڪارڊ پيش رفت هئي.ماهرن جو اهو چوڻ آهي ته بلوچستان جو اصل الميو اهو آهي ته هتي اصل ۾ چونڊيل حڪومتون نٿيون اچن. جڏهن به ڪنهن چونڊيل قيادت طرفان تعليمي سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ته يا ته انهن حڪومتن جي مُدت پوري نه ٿيڻ ڏني وئي، يا وري انهن جي رٿائن کي بيروقراطي روڪ ٽوڪ جو شڪار ڪيو ويو.
تعليم، جيڪا قومن جي بقا ۽ ترقيءَ جي ضمانت آهي، ان کي بلوچستان ۾ دانستہ طور مفلوج رکيو ويو آهي. پر ان عمل جي ذميواري صرف حڪومتن تي نه، پر انهن سمورين ڌرين تي به عائد ٿئي ٿي، جيڪي جمهوريت جي نالي تي اقتدار ته ماڻين ٿيون، پر تعليم جهڙي بنيادي حق کي نظرانداز ڪري نسلن جو مستقبل ڳاٽي ۾ وجهن ٿيون. هيءَ ئي اصل ۾ اها بنيادي سانحو آهي، جيڪا بلوچستان جي ترقيءَ جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻجي سامهون آئي آهي. هتي حڪومتون عوام جي ووٽن سان نه، پر ڀوتيائي ووٽن ذريعي ٺهنديون رهيون آهن. عوام جي نمائندگي ڪندڙ چهرا منظر تان غائب ڪيا ويا، ۽ سندن جاءِ تي اهڙا حڪمران آندا ويا، جيڪي رڳو ڏيکاءُ جا نمائندا هئا، پر فيصلا ڪنهن ٻي جاءِ تي ٿيندا رهيا.
جڏهن حڪمران عوام جا اصل وارث نه هجن، ته سندن ترجيحون به عوام نه هونديون آهن. نتيجي طور، بلوچستان ۾ نه جمهوريت جڙي سگهي، نه ئي عوامي ادارا مستحڪم ٿي سگهيا. اهي ادارا، جيڪي عوام جي خدمت لاءِ قائم ڪيا ويا هئا، سي ڏينهون ڏينهن زوال جو شڪار ٿيندا ويا، ۽ ان زوال جو سڀ کان وڏو اثر تعليم تي پيو.تعليم جو اهو نظام، جيڪو ڪنهن به قوم جي مستقبل جي ضمانت هوندو آهي، سو بلوچستان ۾ بوسيده، فرسوده ۽ ڪمزور بڻائي ڇڏيو ويو.اڄ جڏهن اسين بلوچستان جي زميني حقيقتن ڏسون ٿا ته لکين ٻار اسڪولن کان ٻاهر آهن، ۽ جيڪي اسڪول وڃن ٿا، سي به علم جي روشنيءَ مان پوريءَ ريت روشن نه ٿي سگهن ٿا، ڇو ته نه ته انهن لاءِ تربيت يافته استاد آهن، نه بنيادي سهولتون، ۽ نه ئي محفوظ تعليمي ماحول.ان پٺيان سڀ کان وڏو سبب اهو آهي ته حڪمران عوام کي جوابده ناهن. سندن سڄي توجهه پنهنجي ڪرسيءَ جي بچاءَ، ۽ پنهنجي طاقت جي تحفظ تي آهي.اهڙي سوچ تعليم جهڙي بنيادي شعبي کي تباهيءَ جي ڪناري تي آڻي بيهاريو آهي. بلوچستان جي ٻارن جو مستقبل اڄ اونداهين ۾ ٻڏي چڪو آهي، جتي سندن هٿن مان ڪتاب، سندن ساهن مان خواهشون ۽ سندن اکين مان روشن اميدون کسجي چڪيون آهن.جيستائين هتي واقعي عوامي حڪومت قائم نه ٿيندي، جيستائين ووٽ جي حرمت بحال نه ٿيندي، ۽ جيستائين حڪمرانن کي عوام آڏو جوابده نه بڻايو ويندو، تيستائين نه تعليم ٺيڪ ٿي سگهي ٿي، نه صحت، نه روزگار، ۽ نه ئي بلوچستان جي قسمت بدلجي سگهي ٿي.بلوچستان کي ضرورت آهي حقيقي جمهوريت جي، شفاف چونڊن جي، ۽ اهڙي حڪومت جي، جيڪا اصل عوامي نمائندن تي ٻڌل هجي.