برطانيا، جپان ۽ آسٽريليا جو آبناءِ هرمز کولرائڻ لاءِ ٽرمپ جي اپيل تي مدد کان انڪار، اسرائيل جا ايراني شهرن تي ميزائل حملا، 15 ڄڻا شهيد

تهران/واشنگٽن/تل ابيب (ويب ڊيسڪ) وچ اوڀر ۾ ايران، آمريڪا ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ انتهائي رخ اختيار ڪري ورتو آهي، اسرائيلي جهازن ايران جي شهر اصفهان، شيراز تي ميزائلن ۽ بمن سان حملو ڪيو آهي، جنهن نتيجي ۾ شروعاتي اطلاع موجب 15 ڄڻا شهيد ٿي ويا آهن، آبناءِ هرمز جي سيڪيورٽي، علائقائي سفارتڪاري ۽ نون سيڪيورٽي واقعن بابت اهم اڳڀرائيون سامهون اچي رهيون آهن، جتي جپان ۽ آسٽريليا آبناءِ هرمز لاءِ جنگي جهاز موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، اتي آمريڪا چين سميت ڪيترن ئي ملڪن سان سامونڊي لنگهه جي تحفظ بابت رابطا ڪري رهيو آهي. ساڳئي وقت ايران سان ڳالهين کانپوءِ ڀارتي جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت ملي آهي، جڏهن ته دبئي ايئرپورٽ تي ڊرون حملي کانپوءِ اُڏامون عارضي طور معطل ڪرڻ کانپوءِ هاڻي فلائيٽ آپريشن هوريان هوريان بحال ڪيو پيو وڃي.

ايران جي شهر اصفهان تي آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن ۾ 15 ڄڻا شهيد
آمريڪي ۽ اسرائيلي جهازن ايران جي شهر اصفهان ۽ شيراز کي ميزائلن ۽ بمن سان نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 15 ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن،
رپورٽ موجب، آمريڪي ۽ اسرائيلي ميزائل حملن سبب ايران جي خلائي ريسرچ مرڪز کي به نقصان پهچڻ جا اطلاع آهن.
ٻئي پاسي 28 فيبروري کان هينئر تائين ايران تي ٿيل حملن ۾ شهيدن جو انگ 1400 کان وڌي ويو آهي.

اسرائيل جو ايراني شهرن، تهران، شيراز ۽ تبريز تي وڏي پئماني تي حملن جو اعلان
اسرائيلي فوج اعلان ڪيو آهي ته هن ايران جي شهرن تهران، شيراز ۽ تبريز تي ”وڏي پيماني“ تي حملن جي نئين لهر شروع ڪري ڇڏي آهي.
ٽيليگرام تي جاري ڪيل بيان ۾ اسرائيلي فوج چيو آهي ته ” آءِ ڊي ايف (اسرائيل ڊيفينس فورسز) ايراني حڪومت جي بنيادي ڍانچي کي نشانو بڻائڻ لاءِ تهران، شيراز ۽ تبريز ۾ وڏي پيماني تي حملا شروع ڪري ڇڏا آهن.“
آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان ايران تي حملا جاري آهن ۽ رات دير سان تهران ۾ شديد بمباري جون خبرون پڻ سامهون آيون هيون.
ٻئي پاسي نار وارن ملڪن مان به گذريل رات وڌيڪ ايراني حملن جا اطلاع مليا آهن.

سعودي ۽ يو اي اي ايراني حملن کي عرب خودمختياري ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏئي ڇڏيو
گڏيل عرب امارتن جي صدر محمد بن زايد ال نهيان ۽ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو، جنهن دوران علائقي جي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.
ٻنهي اڳواڻن ايراني حملن کي عرب خودمختياري ۽ عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي قرار ڏيندي فوجي ڇڪتاڻ ترت بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ٻنهي اڳواڻن مسئلن جي حل لاءِ سنجيده ڳالهين ۽ سفارتي ذريعن کي ترجيح ڏيڻ تي زور ڏنو.

اسرائيلي فوج پاران شهيد آيت الله خامنه جي استعمال هيٺ جهاز تباهه ڪرڻ جي دعويٰ
اسرائيلي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن ايران جي اڳوڻي سپريم ليڊر شهيد آيت الله علي خامنه اي جي استعمال هيٺ جهاز تباهه ڪري ڇڏيو آهي.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اسرائيلي فوج جو چوڻ آهي ته تهران جي مهرآباد ايئرپورٽ تي حملي دوران اهو جهاز تباهه ڪيو ويو.

ٽرمپ چئي ٿو ايراني سامونڊي فوج تباهه ٿي وئي، ائين آهي ته مڙسي ڪري آمريڪي فوج ايراني نار طرف موڪلي: پاسدارنِ انقلاب
پاسداران انقلاب جي ترجمان جنرل علي محمد چيو آهي ته ايران اڃا تائين اهي ميزائل استعمال ڪري رهيو آهي جيڪي هن ڏهه سال اڳ تيار ڪيون هيون.
هن چيو ته ايران اڃا تائين اهي ميزائل استعمال نه ڪيا آهن جيڪي جون 2025 کانپوءِ تيار ڪيا ويا آهن.
پاسدارانِ انقلاب ايران جي ترجمان چيو آهي ته ٽرمپ چيو هو ته آمريڪا ايراني سامونڊي تباهه ڪري ڇڏي آهي، جيڪڏهن ائين آهي ته پوءِ همت ڪري ۽ آمريڪي بحريه کي ايراني نار ڏانهن موڪلي.

برطانيا جو به آبناءِ هرمز لاءِ سامونڊي جنگي جهاز موڪلڻ کان انڪار
برطانوي اخبار موجب، برطانيا به آبناءِ هرمز لاءِ بحري جنگي جهاز موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي ۽ برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر ٽرمپ کي ”نو“ چئي ڇڏيو آهي.
اخبار موجب، برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر آبناءِ هرمز کولڻ لاءِ ٽرمپ جي مدد واري اپيل رد ڪندي چيو آهي ته برطانيا ان لاءِ تيار ناهي.

جپان ۽ آسٽريليا جو آبناءِ هرمز جي سيڪيورٽي لاءِ پنهنجا جنگي جهاز موڪلڻ کان انڪار
جپان ۽ آسٽريليا آبناءِ هرمز جي سيڪيورٽي لاءِ پنهنجا سامونڊي جنگي جهاز موڪلڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
آسٽريليا جي وزير ٽرانسپورٽ ڪيٿرين ڪنگ چيو آهي ته سندن ملڪ آبناءِ هرمز ۾ جنگي جهاز موڪلڻ جو ارادو نٿو رکي.
جپان جي بچاءِ واري وزير شنجيرو ڪوئيزومي پارليامينٽ کي ٻڌايو آهي ته ايران جي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکندي جپان ميرٽائم سيڪيورٽي آپريشن شروع ڪرڻ جو ڪو ارادو نٿو رکي.
واضح رهي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ نيٽو ۽ اتحادي ملڪن کي چيو هو ته هو آبناءِ هرمز جي سڪيورٽي لاءِ پنهنجا سامونڊي جنگي جهاز موڪلين.

ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جو حملو نيٽو جي جنگ نه آهي: برطانوي وزير
برطانيا جي ورڪس ۽ پينشن معاملن واري وزير پيٽ مڪ فيڊن چيو آهي ته ايران تي آمريڪا ۽ اسرائيل جا حملا نيٽو جي جنگ ناهن.
هن چيو ته نيٽو دفاعي اتحاد اهڙي صورتحال کي ذهن ۾ رکي نه ٺاهيو هو جهڙي صورتحال هن وقت وچ اوڀر ۾ نظر اچي پئي.
واضح رهي ته نيٽو 1949 ۾ آمريڪا ۽ برطانيا سميت 12 ملڪن گڏجي قائم ڪيو هو ۽ ان جو هڪ اهم اصول آرٽيڪل پنج آهي جنهن موجب هڪ ملڪ تي حملو سمورن ملڪن تي حملو تصور ڪيو ويندو آهي.
ان کان اڳ برطانياجي اڳوڻي چيف آف ڊفينس اسٽاف جنرل سرنڪ ڪارٽر چيو هو ته نيٽو اهڙو اتحاد ناهي جنهن ۾ اتحادين مان ڪو هڪ پنهنجي مرضيءَ سان جنگ شروع ڪري ۽ پوءِ ٻين سمورن ميمبرن کي ان ۾ شامل ٿيڻ تي مجبور ڪيو وڃي.
جڏهن مِڪ فيڊن کان پڇيو ويو ته ڇا هو سر نڪ ڪارٽر سان اتفاق ڪري ٿو ؟ جنهن جواب ۾ هن چيو ته ” جنرل ڪارٽر صحيح پيو چئي، هن موجودا تڪرار کي نيٽو جي جنگ نه پر آمريڪي ۽ اسرائيلي ڪارروائي قرار ڏنو.

دبئي ايئرپورٽ تان اُڏامون هوريان هوريان ٻيهر بحال ڪيون پيون وڃن: اختياريون
دبئي اختيارين چيو آهي ته ڊرون واري واقعي کانپوءِ مسافرن ۽ عملي جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ لاءِ دبئي ايئرپورٽ تي عارضي طور معطل ڪيل اُڏامون هوريان هوريان آهستي ٻيهر بحال ڪيون پيون وڃن.
دبئي ميڊيا آفيس جي بيان موجب، دبئي سول ايويئيشن اٿارٽي دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان ڪجهه منزلن ڏانهن فلائيٽ آپريشن مرحليوار ٻيهر شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اختيارين موجب، مسافرن کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو پنهنجي اُڏامن بابت تازي ڄاڻ لاءِ پنهنجي ايئر لائنز سان رابطو ڪن.

آمريڪي ۽ اسرائيلي جارحيت خلاف پاڪستان جي حمايت تي ٿورائتا آهيون: ايراني پرڏيهي وزير
ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي آمريڪا ۽ اسرائيل جي جارحيت خلاف حمايت ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورا مڃيا آهن.
عباس عراقچي ايڪس تي اردو ٻوليءَ ۾ جاري ڪيل پيغام ۾ چيو ته مان پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جو دل جي گهراين سان ٿورائتو آهيان جن آمريڪا ۽ صهيوني حڪومت جي اڳرائيءَ جي مقابلي ۾ اسلامي جمهوريه ايران جي عوام ۽ حڪومت سان پنهنجي ايڪي جو اظهار ڪيو.

ٽرمپ جي شِي جن پنگ سان ملاقات ملتوي ڪرڻ جي ڌمڪي کانپوءِ چين جو وچ اوڀر ۾ فوجي ڪارروائيون روڪڻ جو مطالبو
چين وچ اوڀر ۾ جاري جنگ ۾ شامل سمورين ڌرين کان فوجي ڪارروائيون فوري طور بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان چيو آهي ته تازي ڇڪتاڻ واپاري رستن کي متاثر ڪيو آهي جنهن سبب علائقائي ۽ عالمي امن کي نقصان پهتو آهي.
ان کان اڳ آمريڪي صدر ٽرمپ برطانوي اخبار فنانشنل ٽائمز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ ڌمڪي ڏني هئي ته جيڪڏهن بيجنگ آبناءِ هرمز کي محفوظ بڻائڻ لاءِ مدد نه اُماڻي ته هو صدر شي جن پنگ سان رٿيل ملاقات ملتوي ڪري سگهي ٿو.

سعودي بچاءَ واري وزارت جي 60 کان وڌيڪ ڊرونز روڪڻ جي دعويٰ
سعودي عرب جي بچاءَ واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته ملڪ جي ايئر ڊفينس سسٽم 60 کان وڌيڪ ڊرونز کي روڪي ڇڏيو آهي.
وزارت دفاع موجب، سمورا ڊرون ملڪ جي اوڀر وارن علائقن ۾ روڪيا ويا.
ٻئي پاسي اختيارين جو چوڻ آهي ته دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي لڳل باهه تي ضابطو آندو ويو آهي ۽ ڊرون جي ٻارڻ واري ٽينڪ سان ٽڪرائڻ باوجود ڪو جاني نقصان ناهي ٿيو.

ايرن سان سڌي ريت ڳالهين کانپوءِ ٻه سامونڊي جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت ملي: ڀارتي پرڏيهي وزير

ڀارتي پرڏيهي وزير جَئه شنڪر چيو آهي ته ايران سان سڌي ريت ڳالهين کانپوءِ ٻن ڀارتي بحري جهازن کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت ملي آهي.
فنانشل ٽائمز کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته تهران سان ڳالهين جي نتيجي ۾ايران ڀارتي پرچم وارن 2 گئس ٽينڪر آبناءِ هرمز مان گذرڻ جي اجازت ڏني.
هن چيو ته ايران سان ڳالهين جا ڪجهه هاڪاري نتيجا سامهون آيا آهن.

آمريڪا آبناءِ هرمز ۾ جهازن جي حفاظت لاءِ گهڻ ملڪي اتحاد جو منصوبو تيار ڪري ورتو
ٽرمپ انتظاميا آبناءِ هرمز وٽان گذرندڙ سامونڊي جهازن جي حفاظت لاءِ گهڻ ملڪي اتحاد ٺاهڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي.
آمريڪي اخبار موجب، ٽرمپ انتظاميا طرفان ان منصوبي جو اعلان هلندڙهفتي جي شروعات ۾ متوقع آهي.
رپورٽ موجب، ڪيترن ئي ملڪن آبناءِ هرمز مان گذرندڙ جهازن کي سيڪيورٽي ڏيڻ لاءِ اتحاد ٺاهڻ تي اتفاق ڪيو آهي.

اسان ايران سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، پر مون کي نٿو لڳي ته ايران ڳالهين لاءِ تيار آهي: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسان ايران سان ڳالهين ڪري رهيا آهيون، پر مون کي نٿو لڳي ته ايران ڳالهين لاءِ تيار آهي.
ٽرمپ چيو ته آبناءِ هرمز بابت 7 ملڪن سان رابطي ۾ آهيون ۽ انهن کان آبناءِ هرمز جي حفاظت ۾ مدد جو مطالبو ڪيو آهي، جڏهن ته اسرائيل به آبناءِ هرمز کي محفوظ بڻائڻ لاءِ آمريڪا سان گڏ ڪم ڪري رهيو آهي.
برطانوي اخبار موجب، ٽرمپ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن نيٽو آبناءِ هرمز کولڻ ۾ مدد نه ڪئي ته نيٽو جو مستقبل تمام خراب ٿيندو.
صدر ٽرمپ اهو به چيو ته هلندڙ مهيني جي آخر ۾ چيني صدر سان طئي ٿيل ملاقات ملتوي ٿي سگهي ٿي.

دبئي ايئرپورٽ ويجهو ڊرون حملي سبب باهه لڳي وئي، اُڏامون معطل
دبئي ميڊيا آفيس موجب، دبئي ايئرپورٽ جي ويجهو ڊرون حملي سبب باهه لڳي وئي جنهن کي وسائڻ جون ڪوششون جاري آهن.
دبئي اختيارين جو چوڻ آهي ته ايئرپورٽ تي ڊرون حملي دوران ٻارڻ واري ٽينڪ کي نشانو بڻايو ويو جڏهن ته واقعي ۾ ڪو به ماڻهو زخمي ناهي ٿيو.
دبئي سول ايويئيشن اٿارٽي احتياطي اپاءَ طور دبئي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تان عارضي طور اُڏامون معطل ڪري ڇڏيون ۽ مسافرن کي لاڳاپيل ايئر لائنز سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

بغداد ايئرپورٽ ڪمپليڪس تي ميزائل ۽ ڊرون حملو
عراق جي راڄڌاني بغداد جي ايئرپورٽ ڪمپليڪس کي راڪيٽن ۽ ڊرون سان نشانو بڻايو ويو آهي.
سيڪيورٽي ذريعن الجزيرا کي ٻڌايو ته بغداد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جي ويجهو قائم هڪ لاجسٽڪ سپورٽ ڪئمپ تي ڊرون حملو ڪيو ويو.
ساڳئي علائقي کي 5 راڪيٽن سان پڻ نشانو بڻايو ويو، عملدار واقعي جي وڌيڪ تفصيلن ۽ نقصان جو جائزو وٺي رها آهن.
ذريعن موجب، ان کان اڳ اهڙي ئي حملي ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿيا هئا.

آمريڪا جو آبناءِ هرمز جي تحفظ لاءِ چين سميت ست ملڪن سان رابطو، هم منصبن کي چيو اٿم ته مدد نه ڪندئو ته پوءِ ياد رکجو: ٽرمپ
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آبناءِ هرمز جي سيڪيورٽي لاءِ اٽڪل ست ملڪن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي آهي.
هن چيو ته چين سميت ڪيئي ملڪن کان پڇيو ويو آهي ته ڇا هو آبناءِ هرمز کي محفوظ بڻائڻ ۾ مدد ڪندا.
ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن ڪجهه ملڪ مدد نه ڪندا ته آمريڪا اهو ياد رکندو.
هن چيو ته ڪجهه ملڪن وٽ اهڙا وسيلا آهن جيڪي هن مهم ۾ مددگار ٿي سگهن ٿا، جڏهن ته چين به هن اهم واپاري لنگهه تي گهڻو ڀاڙي ٿو.
ٽرمپ اِهو نه چيو ته چين کانسواءِ سندس ڪهڙن ملڪن ان معاملي تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي، پر سندس چوڻ هو ته نيٽو ۽ ٻيا ملڪ جيڪي ان علائقي ذريعي پنهنجي توانائي جي گهرجون پوريون ڪن ٿا، انهن کي به پنهنجي، پنهنجي سرزمين جو دفاع ڪرڻ جي ضرورت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.