لڙوگي ؟ لڙينگي، مروگي؟ مرينگي “: هي ٻه نعرا شهيد ذوالفقار علي ڀٽي عوامي سمنڊ سان ٽمٽار هڪ عوامي جلسي ۾ عوام کان واعدي طور ورتا هيا ۽ موٽ ۾ ان ئي جلسي عوام پاران ڀرپور موٽ سان ان جو هاڪاري جواب ڏنو. پاڪستان پيپلزپارٽيءَ جو بنياد رکڻ وقت شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي دل ۾ ڪجهه خيال ۽ خواب ضرور آيا هوندا ته عوام جي نالي سان قائم ڪندڙ ان پارٽيءَ ۾ عوام جي شموليت کي ڪيئن يقيني بڻائجي روٽي ڪپڙا اور مڪان جي نعري ۽ ملڪ جي پڙهيل لکيل ۽ نظرياتي قيادت جي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ۽ وقت جي آمرن سان کليل جنگ ۽ عوام جي طاقت جي ڏڍ سبب ذوالفقار علي ڀٽي عوام جي واڌ ويجهه ۽ ملڪي بهتريءَ لاءِ جدوجهد ڪرڻ شروع ڪئي هن جي طلسماتي شخصيت ۽ جهر جهنگ ۾ عوام وٽ پهچڻ ۽ ڪجهه ڪري ڏيکارڻ جو نتيجو اهو نڪتو جو ان وقت جي آمر پاران سندس حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ ڦاهي چاڙهڻ کان شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي آمرن خلاف ڪيل ملڪي تاريخ جي وڏي ۾ وڏي جدوجهد ايم آر ڊي تحريڪ ۾ ڪارڪنن هزارين قربانيون ڪن قيد جون عقوبتون سٺيون ته ڪن وري جلاوطني ،
7 مارچ 1977ع تي ملڪ اندر چونڊون ڪرايون ويون، ان چونڊن ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي کي ڪاميابي حاصل ٿي پر حزب اختلاف سان تعلق رکندڙ جماعتن 1977ع واري چونڊن جي نتيجي کي تسليم ڪرڻ کان انڪار ڪيو، 9 جماعتن تي ٻڌل پاڪستان قومي اتحاد عرف ”9 ستارن“ ڌانڌلين جا الزام هڻي شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي منتخب حڪومت خلاف احتجاجي تحريڪ شروع ڪري ڇڏي. ان دوران پاڪستان پيپلز پارٽي جي حڪومت ۽ مخالف ڌر جي وچ ۾ ڳالهيون ٿيون، جيڪي تقريبن ڪامياب به ٿي چڪيون هيون، جنهن ۾ ملڪ اندر نين چونڊن ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو هو. 4 جولاءِ 1977ع تي ٻنهي ڌرين پاران هڪ ڊرافٽ به تيار ٿي ويو هو پر بدقسمتي سان جنرل ضياءُ جنهن اڳواٽ سامراجي قوتن جي اشاري تي اقتدار تي قبضو ڪرڻ لاءِ منصوبو جوڙي ڇڏيو هو، تنهن 5 جولاءِ 1977ع تي رات جي آخري پهرن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي منتخب ۽ جمهوري حڪومت جو تختو اونڌو ڪري چونڊيل وزيراعظم ۽ اسلامي سربراهه ڪانفرنس جي چيئرمين شهيد ڀٽي کي حراست ۾ وٺي ڪوهه مري ۾ نظربند ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءَ قومي اسيمبلي کي ٽوڙي ڇڏيو ۽ 1973ع جي متفقه آئين کي به معطل ڪري ڇڏيو.
اهڙي طرح پاڪستان اندر 5 جولاءِ 1977ع تي آمريت جي دور جو آغاز ٿيو، اها آمريت ملڪ جي تاريخ جي طويل ترين آمريت هئي. جنرل ضياءَ چيف مارشل لا ايڊمنسٽريٽر جي حيثِيت ۾ ملڪ اندر 18 آڪٽوبر 1977ع تي اليڪشن ڪرائڻ جو اعلان ڪيو. پر هن پهرين آڪٽوبر 1977ع تي چونڊن کي غير معينه مدت لاءِ ملتوي ڪري ڇڏيو. بهرحال 5 جولاءِ 1977ع پاڪستان جي تاريخ جو بدترين ڏينهن هو، ان ڪاري ڏينهن تي هڪ آمر ۽ جابر جنرل ضياءَ ملڪي تاريخ ۾ پهرين منتخب حڪومت کي ختم ڪري ملڪ اندر مارشل لا نافذ ڪري ڇڏيو. جنرل ضياءَ رات جي اونداهي ۾ هڪ ڌاڙيل ۽ رهزن جيان واردات ڪري پاڪستان کي هڪ ڌٻڻ ۾ ڦاسائي ڇڏيو. جمهوريت تي راتاهو هڻندڙ جنرل ضِياءَ خانه ڪعبه جي غلاف کي چمندي واعدو ڪيو هو ته ملڪ اندر ٽن مهينن اندر چونڊون ڪرائي اقتدار عوام جي منتخب نمائندن حوالي ڪيو ويندو، پر جنرل ضياءَ جيڪو پاڻ کي مرد مومن ۽ مرد حق سڏائيندو هو تنهن واعدي خلافي ڪري پنهنجي اقتدار کي ڊيگهه ڏني. جنرل ضياءَ اقتدار جي حوس ۽ شهيد ڀٽي جي دشمني ۾ ملڪ اندر يزيدي ڪردار ادا ڪندي پيپلز پارٽي جي ڪارڪنن مٿان ظلم جا پهاڙ ٽوڙي ڇڏيا. جنرل ضياءَ جي دور ۾ پ پ پ جي هزارين ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو، سون جي تعداد ۾ ڪارڪنن کي ڪوڙا هنيا ويا ۽ ڪيترن ئي سياسي ڪارڪنن کي گولين سان اڏايو ويو. ان جي باوجود به پيپلز پارٽي جا ڪارڪن ”جيئي ڀٽو سدا جيئي“ ڀٽو جا نعره هڻندا رهيا. ضيائي آمريت واري دور ۾ پ پ جي ڪارڪنن کان علاوه صحافين، دانشورن ۽ سياستدانن کي به ڪوڙا هنيا ويا ۽ جبل اندر بند ڪري اذيتون ڏنيون ويون. جنرل ضياءَ حق ۽ سچ لکڻ تي ڪيترن ئي اخبارن مٿان سينسرشپ جو قانون مڙهي ڇڏيو، سو 5 جولاءِ ملڪ جي تاريخ جو هڪ ڪارو ڏينهن آهي. ان منحوس ڏينهن تي قائد عوام جناب ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي هڪ سازش ۽ منصوبي هيٺ ختم ڪيو ويو، پاڪستان قومي اتحاد جا اڳواڻ شهيد ڀٽي تي ڌانڌلين جا الزام هڻي روڊن تي نڪري آيا هئا، انهن جنرل ضياءَ جي ڪابينا ۾ شموليت ڪري عوام سان دوکي ۽ مفافقت جي انتها ڪري ڇڏي. اصل ۾ پي اين اي جي تحريڪ پٺيان آمريڪا جو هٿ هو، ان ڪري پي اين اي تحريڪ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ آمريڪي ڊالرن جا ڍير لڳي ويا. اهڙي طرح جنرل ضياءَ مخالف ڌر جي احتجاجي تحريڪ ۽ ملڪ اندر امن امان جي صورتحال کي جواز بڻائي 5 جولاءِ 1977ع تي هڪ جمهوري حڪومت کي ختم ڪري ملڪ اندر آمريت جو بنياد وجهي ڇڏيو، جنرل ضياءَ اسلامي نظام جو ڪوڙو نعرو هڻي ملڪ اندر 11 سالن تائين اقتدار تي قابض رهيو. ان دوران شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي هڪ ڪوڙي ڪيس ۾ ڦاسائي عدالت ذريعي قتل ڪري ڇڏيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي حڪومت کي ختم ٿئي ڪيترائي ورهيه گذري چڪا آهن پر شهيد ڀٽي جي محبت ۾ ڪابه ڪمي ناهي آئي، جڏهن ته آمر ضياءَ کي ماڻهو خراب نالن سان ياد ڪندا آهن. جنرل ضياءَ شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي ڦاهي جي تختي تي چاڙهي وڏو ظلم ڪيو پر سڀ کان وڌيڪ ظلم اهو ڪيو ويو جو ڀٽي صاحب جي وارثن يعني بيگم نصرت ڀٽو ۽ بينظير ڀٽو شهيد سميت ڀٽو خاندان جي ڪنهن به فرد کي ڀٽي صاحب جو آخري ديدار نه ڪرايو ويو. بهرحال الله تعاليٰ وٽ به انصاف آهي. جڏهن 17 آگسٽ 1988ع تي جنرل ضياءُ جو جهاز تباهه ٿيو ته هن جا هڏا به مالڪن کي نه مليا. جڏهن جنرل ضياءَ جي تابوت کي ان جي گهر وارن جي سامهون رکيو ويو ته ان جا وارث فقط روئيندا ۽ پٽيندا رهيا، پر ان جو آخري ديدار ڪري نه سگهيا. ڇاڪاڻ ته قدرت ان جو اهڙو حشر ڪري ڇڏيو جو ڪوبه شخص ان جي ”ميت“ کي ڏسڻ لاءِ تيار نه هو