سکر/ حيدرآباد (نمائندا) تربيلا ڊيم ۾ 1لک 16 ھزار ڪيوسڪ پاڻيءَ ۾ واڌ اچڻ کانپوءِ ڊيم جا اسپل وي کوليا ويا، سنڌودرياهه ۾ 2 لک67 ھزار ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويو آهي، تربيلا ۾ پاڻي جي آمد 2 لک 72 ھزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪئي وئي، ڊيم ۾ ھن وقت پاڻيءَ جي سطح 1520فوٽن تي پھچڻ سبب ڊيم ڀرجڻ کان 30فوٽ رھجي ويو آهي، ڊيم ۾ پاڻي جمع ڪرڻ جي آخري سطح 1550 فوٽ آهي، ھن وقت گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 62 ھزار 546 ڪيوسڪ، ھيٺيون وھڪرو 1 لک 22 ھزار 717 ڪيوسڪ آهي، سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1 لک 3 ھزار 330 ڪيوسڪ، ھيٺاھون وھڪرو 54 ھزار 770ڪيوسڪ آهي، ڪابل نديءَ ۾ نوشهرھ جي مقام وٽ پاڻي جي سطح 45 ھزار200 ڪيوسڪ تي پھتل آھي، ڪالاباغ بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2لک 11ھزار 782 ڪيوسڪ، ھيٺاھون وھڪرو 2 لک 3ھزار 798 ڪيوسڪ، چشما بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 2 لک 26ھزار 500 ڪيوسڪ ۽ ھيٺاھون وھڪرو 2 لک 10ھزار ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، اهڙي طرح تونسا بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 1لک 98 ھزار 186ڪيوسڪ، ھيٺاھون وھڪرو 1لک 78ھزار 886 ڪيوسڪ آهي، آبپاشي ذريعن جو چوڻ آهي ته في الحال سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح نارمل آهي.