پاڪ پتن(م ڊ) پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جي حڪم تي ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال پاڪپتن جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ۽ چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر کي گرفتار ڪيو ويو. وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال جو دورو ڪيو ۽ 20 ٻارن جي فوتگين جو نوٽيس ورتو. پاڪپتن ڊسٽرڪٽ اسپتال ۾ 20 نون ڄاول ٻارن جي فوتگين بابت ابتدائي رپورٽ سامهون آئي آهي. سرڪاري ذريعن موجب ايم ايس ڊي ايچ ڪيو اسپتال ۽ سي اي او هيلٿ کي گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، جنهن تي پوليس ٻنهي کي گرفتار ڪري وئي. سي اي او هيلٿ پاڪپتن ڊاڪٽر سهيل ۽ ايم ايس ڊاڪٽر عدنان غفار خلاف ڪيس داخل ڪرايو ويو آهي. پنجاب حڪومت جي ترجمان مطابق ايم ايس ۽ ٻين ذميوارن حقيقتن کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي..
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڊسٽرڪٽ هيڊڪوارٽر اسپتال پاڪپتن ۾ 20 ٻارن جي موت جو معاملو سامهون آيو هو، جيڪي 16 جون کان 22 جون جي وچ ۾ فوت ٿيا. وارثن ڊاڪٽرن ۽ پيراميڊيڪل اسٽاف جي غفلت ۽ آڪسيجن سلينڊرن جي کوٽ تي الزام لڳايو هو.