چوماسي جون هوائون ڏکڻ سنڌ ۾ داخل، اڄ کان برسات

 ڪراچي (رپورٽر) چوماسي جون هوائون سنڌ جي ڏاکڻي علائقن ۾ داخل ٿيڻ شروع ٿي ويون آهن، جنهن سبب سڀاڻي کان برساتن ۾ واڌ ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. موسميات کاتي موجب، چوماسي هوائون سنڌ جي ڏاکڻي علائقن داخل ٿي رهيون آهن، جنهن تحت اڄ ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين، ٺٽو، سجاول، ڄامشورو، ٽنڊو محمد خان، ٽنڊو الهيار، ميرپورخاص ۽ حيدرآباد ۾ گجگوڙ سان گڏ هلڪي کان وچولي برسات جو امڪان آهي.ان کانسواءِ سانگهڙ، شهيد بينظيرآباد، دادو، خيرپور، سکر ۽ ڪراچي ۾ هلڪي برسات متوقع آهي، جڏهن ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ جهڙالي، گرم ۽ گهميل موسم برقرار رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته هڪ ٻي طاقتور چوماسي سسٽم ملڪ ۾ وڏي پيماني تي وسڪاري جو سبب بڻجي سگهي ٿو، جيڪو 5 جولاءِ کان 10 جولاءِ تائين پنجاب، خيبرپختونخوا، گلگت بلتستان ۽ ڪشمير تي اثرانداز ٿيندو. موسميات کاتي موجب، ان سسٽم جي اثر سان ڪراچي سميت سنڌ ۾ وڏي برسات جو امڪان ناهي، جڏهن ته ڪي پي، ڪشمير، اسلام آباد، پوٺوهار ۽ ڊي جي خان ۾ تيز برساتن وسڪارو ٿي سگهي ٿو. موسميات کاتي موجب، پنجاب ۽ بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ نئين ۾ ٻوڏ جي صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته نوشهرا ۽ پشاور جي هيٺائين وارن علائقن ۾ شهري ٻوڏ (اربن فلڊنگ) جو خطرو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.