خيبرپختونخوا ۾ سينيٽ چونڊون 21 جولاءِ تي ٿينديون

 اسلام آباد(م ڊ) اليڪشن ڪميشن خيبرپختونخوا ۾ سينيٽ جي 11 سيٽن تي چونڊن جو شيڊول جاري ڪري ڇڏيو آهي. اليڪشن ڪميشن موجب، خيبرپختونخوا ۾ سينيٽ چونڊون 21 جولاءِ تي ٿينديون. خيبرپختونخوا ۾ 7 جنرل، 2 عورتن ۽ 2 ٽيڪنوڪريٽ سيٽن تي چونڊون ٿينديون… ثانيه نشتر پاران خالي ڪيل سينيٽ جي سيٽ تي به چونڊ جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي. اليڪشن ڪميشن جي مطابق، ثانيه نشتر جي خالي ڪيل سيٽ تي پولنگ 31 جولاءِ تي ٿيندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.