ڀارت ۾ ٻوڏ ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب فوتين جو انگ 69 تائين پهچي ويو

نئين دهلي(م ڊ) ڀارت جي اترئين علائقي هيماليا ۾ گذريل ٻن هفتن دوران شديد برساتن، ٻوڏن ۽ لينڊ سلائيڊنگ سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 69 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 110 ماڻهو زخمي ٿيا آهن، ڀارت ۾ شديد برساتن سبب درياهه بياس سميت ٻين نهرن ۾ به پاڻي وڌي ويو، جنهن سبب هيمچل پرديش رياست ۾ڪيترائي رستا بند ٿي ويا، ريونيو ڊپارٽمينٽ جي جاري ڪيل بيان موجب، گذريل ٻن هفتن دوران مختلف واقعن ۾ 69 ماڻهو فوت ۽ 110 زخمي ٿيا، رپورٽ موجب، ڀارتي موسميات کاتي 3 جولاءِ تي هيمچل پرديش، اتر ڪهنڊ ۽ هيماليا ۾ موسلادھار برساتن جو نئون الرٽ جاري ڪيو آهي. ڀارت ۾ مانسون جون کان سيپٽمبر تائين ٿيندي آهي، جيڪا سخت گرمي کان نجات ۽ پاڻيءَ جي ذخيري لاءِ ته اهم آهي، پر ساڳئي وقت وڏي تباهي ۽ جاني نقصان جو سبب به بڻجندي آهي.

  1. غزا ۾ وڌيڪ 41 فلسطيني شهيد،صهيوني فوج طرفان وڌيڪ علائقا خالي ڪرڻ جو اشارو

غزا(م ڊ)اڄ غزا ۾ اسرائيلي فوج جي حملا ۾ گهٽ ۾ گهٽ 41 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، جڏهن ته امدادي مرڪزن تي کاڌ خوراڪ حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ فلسطيني شهرين جي شهيدن جو انگ وڌي 613 تائين پهچي ويو آهي، قطري نشرياتي اداري الجزيره جي رپورٽ موجب، غزا ۾ اڄ صبح کان وٺي اسرائيلي حملن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 41 فلسطيني شهيد ٿي ويا آهن، ۽ خدشو آهي ته هي انگ اڃا وڌيڪ وڌي سگهي ٿو، ٻئي پاسي، گڏيل قومن جو چوڻ آهي ته 27 مئي کان اڄ تائين غزا ۾ امدادي مرڪزن ۽ انهن جي آس پاس کاڌ خوراڪ جي اميد سان انتظار ڪندڙ بيگناهه فلسطيني شهرين تي اسرائيلي حملا جاري رهيا، جن ۾ شهيدن جو انگ 631 تائين پهچي چڪو آهي،ان دوران، اسرائيلي فوج ڏکڻ غزا جي علائقي خان يونس جي ڪيترن ئي علائقن ۾ رهندڙ فلسطيني شهرين کي خبردار ڪيو آهي ته اهي علائقا خالي ڪري ڇڏين،انهن وارننگز ۾ شهر جي اوڀرئين ۽ مرڪزي حصن جا علائقا شامل آهن، جن ۾ اهو علائقو به شامل آهي، جتي ناصر اسپتال واقع آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.