باڪو(ع آ نيوز) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان جو پاڻي روڪڻ وارو ڀارتي قدم جنگ جي برابر هوندو. آذربائيجان ۾ اقتصادي تعاون تنظيم (ECO) جي سترهين سربراهي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته پاڻي ڪروڙين پاڪستانين جي لائف لائين آهي، ڀارتي قدمن جو مقصد علائقائي امن کي نقصان پهچائڻ هو، جنهن جو پاڪ فوج بهادري ۽ پيشيوراڻي مهارت سان جواب ڏنو. هن وڌيڪ چيو ته غزا ۾ تباهي ڇانيل آهي، لڳي ٿو ته اتي انسانيت جو وجود ئي باقي ناهي. ڏڪار، بک ۽ امدادي ورڪرن تي اسرائيلي حملا جاري آهن. پاڪستان دنيا جي ڪنهن به هنڌ بيگناهه ماڻهن تي ظلم ڪندڙن جي خلاف بيٺو آهي.شهباز شريف چيو ته ماحولياتي چئلينجن لکين ماڻهن جي روزگار کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. پاڪستان موسمي تبديليءَ کان متاثر ٿيندڙ ڏهن ملڪن ۾ شامل آهي. اسان برفاني ڇپن جي ڳرڻ، سخت گرمي، ٻوڏن ۽ ٻين چئلينجن کي منهن ڏئي رهيا آهيون، پر پاڪستان موسمياتي تبديليءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ پاليسيون جوڙي ورتيون آهن.وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاڙيسري ملڪ ايران تي بغير جواز، غيرقانوني ۽ بغير ضرورت جي اسرائيلي جارحيت جي سخت مذمت ڪيون ٿا، ڀارت پاڪستان تي حملو ڪري علائقائي امن کي خطري ۾ وڌو، جڏهن ته پاڪ فوج فليڊ مارشل عاصم منير جي قيادت هيٺ ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏنو.