لياري ۾ 5 ماڙ عمارت ڪِري پئي، 9 ماڻهو فوت، 25 کان وڌيڪ دٻيل

ڪراچي(رپورٽر) لياري جي علائقي بغدادي ۾ 5 ماڙ عمارت ڪِري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ هن وقت تائين فوتين جو انگ 9 ٿي ويو آهي، جڏهن ته ڪيترائي زخمي آهن. لياري جي علائقي بغدادي ۾ جمعي جي صبح هڪ پنج ماڙ عمارت ڪري پئي، جيڪا مڪمل طور زمين اندر ٿي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 9 ڄڻا فوت ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن۔ ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته عمارت ڪِرڻ جو اطلاع ملندي ئي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون ويون، 9 لاش ۽ 5 زخمين کي ملبي هيٺان ٻاهر ڪڍيو ويو آهي، ملبي هيٺ ان اڃا به 25 کان 30 ماڻهن جي دٻيل هئڻ جو خدشو آهي، جن کي ڪڍڻ لاءِ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته موبائل سگنل بند هئڻ سبب ريسڪيو سرگرمين ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. شهري بچاءُ جي اختيارين موجب، عمارت ۾ ڇهه خاندان رهندڙ هئا ۽ ملبي هيٺ دٻيل ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش جاري آهي، هيوي مشينري ذريعي ملبو هٽايو پيو وڃي، جڏهن ته ڪريل عمارت جي ڀرسان موجود 2 ۽ 7 ماڙ عمارت به خالي ڪرائي وئي آهي، متاثر عمارت جي بجلي ۽ گئس جون لائينون به ڪٽيون ويون آهن. ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته روڊ بند هجڻ ڪري به هيوي مشينري جي پهچڻ ۾ دير ٿي، بهرحال حادثي کانپوءِ مقامي ماڻهن پنهنجي مدد پاڻ تحت امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون هيون. شهيد بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر سول اسپتال جي جاري ڪيل انگن اکرن مطابق، حادثي ۾ 2 عورتن سميت 9 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ 8 زخمي ٿيا. فوت ٿيندڙن ۾ 55 ورهين جي فاطمه ڌي بابو، 32 ورهين جي پريم، 35 ورهين جو وسيم ولد بابو، 55 ورهين جي حور ٻائي ڌيءُ ڪشن، 21 ورهين جو پرانتڪ ولد آرسي ۽ ٻيا ٻه ماڻهو شامل آهن. شهيد بينظير ڀٽو ٽراما سينٽر سول اسپتال جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر صابر ميمڻ ٻڌايو ته 6 زخمين کي ٽراما سينٽرمنتقل ڪيو ويو آهي، جن مان هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته باقي 5 کي معمولي زخم آيل آهن. ايس ايس پي سٽي موجب، ملبي مان 7 ماڻهن جا لاش ۽ 8 زخمين کي ڪڍيو ويو آهي، جڏهن ته اڃا به ڪيترن ئي ماڻهن جي ملبي هيٺ دٻيل هجڻ جي اطلاع آهي. ايس ايڇ او بغدادي ڊان کي ٻڌايو ته عمارت مان ڪڍيل 5 زخمين کي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جن ۾ 25 ورهين جو راشد ولد عزيز، 45 ورهين جو يوسف ولد سبحان، 35 ورهين جي سنيتا زال چينن، 50 ورهين جي فاطمه زال بابو، ۽ 35 ورهين جي چندا زال جمعو شامل آهن.

  1. ڪراچي ۾ 578 عمارتون زبون، صرف ڏکڻ ضلعي ۾ 456  ڪمزور رهائشون 

ڪراچي: ڪراچيءَ جي علائقي لياري بغدادي ۾ پيش آيل المناڪ سانحي کان پوءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي  سڄي شهر ۾ ناقابلِ رهائش ۽ زبون حال عمارتن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي آهي. رپورٽ موجب ڪراچيءَ ۾ مجموعي طور 578 عمارتون مخدوش قرار ڏنيون ويون آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ 456 عمارتون ضلع ڏکڻ ۾ آهن، جيڪي خطري جو سبب بڻجي سگهن ٿيون. ڪراچيجي لياري بغدادي علائقي ۾ 5 منزلن تي مشتمل رهائشي عمارت ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ماڻهو حياتي وڃائي ويٺا. ايس بي سي اي مطابق ضلعي سينٽرل ۾ 66 عمارتون، ڪياماڙي ۾ 23، ڪورنگي ۾ 14، ضلعي اوڀر  ۾ 13، ملير ۾ 4،ضلعي اولهه  ۾ 2 عمارتون ناقابلِ رهائش قرار ڏنيون ويون آهن.

  1. جاچ ڪميٽي قائم، ذميوار عملدار معطل ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي: مڪاني کاتي جي ترجمان موجب، لياري ۾ عمارت ڪِرڻ واري افسوسناڪ واقعي جي جاچ لاءِ اعليٰ سطحيڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي، جيڪا 3 ڏينهن اندر لاپرواهي ڪندڙ عملدارن جي نشاندهي ڪندي. ترجمان جو چوڻ آهي ته مڪاني ادارن واري صوبائي سعيد غني وزير سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي لاڳاپيل آفيسرن کي معطل ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا آهن. ان ڏس ۾ ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي جو چوڻ آهي ته ان ڳالهه جي به جاچ ڪئي پئي وڃي ته زبون حال عمارت بابت رهواسين کي نوٽيس ڇو نه ڏنو ويو.

  1. وڏي وزير نوٽيس ورتو، شهر ۾ زبون عمارتن جا تفصيل طلب 

ڪراچي(رپورٽر) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه لياري واقعي جو نوٽيس وٺندي هدايت ڪئي ته حادثي بابت ترت رپورٽ پيشڪئي وڃي. وڏي وزي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي اختيارين کان زبون حال عمارتن جا تفصيل طلب ڪندي چيو ته خطرناڪ عمارتن جي ترت نشاندهي ڪئي وڃي، غفلت يا لاپرواهي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، انساني جانين جو تحفظ پهرين ترجيح آهي. ٻئي پاسي گورنر سنڌ به عمارت ڪِرڻ واري واقعي تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي زخمين کي ترت طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي.

  1. رياست جو ڪردار رڳو ريسڪيو ۽ لاش کڻڻ بچيو آهي؟

اسلام آباد/لاهور (امداد سومرو) رياست جو ڪردار رڳو ريسڪيو ڪرڻ ۽ لاش کڻڻ آهي جڏهن ته واقعي کان اڳ ڪي اپاءَ ناهن ورتا ويندا، سوات سانحي ۾ به ائين ئي ٿيو. ڪراچي سمنڊ ڪناري تي قلم 144 لاڳو هجڻ باوجود ماڻهو وهنجندي نظر ايندا آهن. رڳو اعلان نه ڪارروائي ڪرڻ گهرجي، گرفتاريون ٿيڻ گهرجن، ان کان اڳ جو اوهان کي لاش کڻڻا پون. لياري ۾ به ائين ئي ٿيو آهي. کارادر ۾ به ڪجهه وقت اڳ عمارتون ڪريون هيون ۽ ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي افسوس جو اظهار ڪيو هو ۽ چيو ته اسان نوٽيس ڏنا هئا پر هنن عمارتون خالي نه ڪيون. ڪراچي ۾ ننڍي ننڍي گنجائش تي وڏا وڏا پلازا ٺهيل آهن پر ڪير پڇڻ وارو ناهي. دڪانن تي پلازا ٺهيل آهن، انهن جي اجازت ڪير ڏئي ٿو؟ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي جي عملدارن موجب 570 عمارتون خطرناڪ آهن پر اسان خالي نٿا ڪرائي سگهون ڇو ته ماڻهو خالي نٿا ڪن ۽ متبادل جاءِ گهرن ٿا. حڪومت لاءِ اهو مسئلو آهي پر جڏهن اهي دٻجي فوت ٿي وڃن ٿا، ته انهن کي اوهان معاوضا ڏيو ٿا، جيترو انهن کي معاوضو بعد ۾ ڏيو ٿا، ان کان اڳ کين گهر ڇو نٿا ٺاهي ڏيو؟

  1. صدر ۽ وزيراعظم پاران لياري ۾ عمارت ڪرڻ تي افسوس

ڪراچي: صدر آصف علي زرداري ڪراچي جي علائقي لياري ۾ عمارت ڪرڻ سبب فوت ٿيڻ واري واقعي تي ڏک ۽ ڪاوڙ جو اظھار ڪندي چيو ته فوتين جي وارثن سان تعزيت ڪيان ٿو، واقعي بابت ڏک پھتو آھي. آصف زرداري سنڌ حڪومت کي دٻجي فوت ٿيلن جي مدد ۽ ڦاٿل ماڻھن کي ريسڪيو ڪرڻ جي ھدايت ڪئي، ھن چيو ته واقعي جي سبب جو تعين ڪيو وڃي، دٻجي زخمي ٿيلن جي صحتيابي لاءِ دعاگو آھيان.

  1. لياري جيئرن ماڻهن جو قبرستان بڻيل، غيرقانوني اڏاوتون کنڊر بڻائي ڇڏينديون

ڪراچي (ارباب چانڊيو) لياري ۾ ماڻهو جيئرا هوندي به جيئرا نه آهن ڇو ته ماڻهو ذهني صلاحيتون وڃائي چڪا آهن، لياري ۾ پاڻي، بجلي، گيس، سڪيورٽي سميت ڪا شئي ناهي ۽ گدلاڻ بدترين صورتحال اختيار ڪري چڪي آهي ۽ هاڻي غيرقانوني عمارتن جو قيام پڻ وڏو مسئلو آهي. لياري ۾ جيڪي به غيرقانوني اڏاوتون ٿيون آهن، سڀاڻي اهي به ڪري پونديون. اهڙيون عمارتون آهن جتي سج جي اس ئي ناهي ايندي، ماڻهو ڪپڙا پکي جي هوا تي سڪائيندا آهن. لياري هڪ جيئرو قبرستان بڻيل آهي. هر عمارت ٺهڻ کانپوءِ سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي وارا وڃي اتان پيسا وٺن ٿا. اهي ئي عملدار ماڻهن کي جيئرو دفن ڪري رهيا آهن. لياري تي تحقيق ڪريو ته گهڻو ڪري ماڻهو اوهان کي ذهني مريض ملندا. هتان جي ماڻهن کي ٻن وقتن جي ماني به ناهي ملي رهي. اڪثر ماڻهو مزدور طبقي جا آهن. هي ته پراڻي عمارت هئي پر جيڪي نيون عمارتون ٺهندي ئي ڊهي پيون اهي ڇو ڪريون؟ انهن ۾ ڳريل لوهه ۽ ناقص مٽيريل استعمال ڪيو وڃي ٿو. جيڪڏهن لياري ۾ زلزلو اچي ها ته ڇا ٿئي ها؟ لياري جنهن جو هو اهي ان کي پنهنجو ناهن ڪري رهيا ۽ هاڻي لياري جنهن جو بڻيل آهي، انهن لياري سان بيوفائي ڪئي آهي. لياري اهڙو فلسطين آهي جيڪو بنا بمباري جي پاڻمرادو ڳري رهيو آهي. هتان جا سوين ٻار روز اسپتال منتقل ٿين ٿا. لياري ڪڏهن به وڏي کنڊر ۾ تبديل ٿي سگهي ٿو. سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي موجب، عمارت تمام پراڻي ۽ غيرمحفوظ هئي، جڏهن ته ڪراچي ۾ مجموعي طور 578 عمارتون خطرناڪ قرار ڏنل آهن، جن مان رڳو ڏکڻ ضلعي ۾ 456 عمارتون اهڙيون آهن، سينٽرل ۾ 66، ڪيماڙي ۾ 23، ڪورنگي ۾ 14، ايسٽ ۾ 13، ملير ۾ 4 ۽ ويسٽ ۾ 2 عمارتون خطري جو شڪار قرار ڏنيون ويون آهن، پر بدقسمتي سان متبادل رهائش جي کوٽ سبب اهي عمارتون خالي ناهن ٿي سگهيون.

  1. انتظاميا عمارت کي زبون قرار ڏيڻ بعد نوٽيس ڏئي آجي ٿي وئي

ڪراچي: ايس بي سي اي ذريعن جو چوڻ آهي ته عمارت 30 سال پراڻي ۽ زبون حالت ۾ هئي، انتظاميا ان ”خطرناڪ“ قرار ڏنو هو، جڏهن ته علائقي واسين جو چوڻ آهي ته عمارت بابت کين ڪنهن به قسم جو نوٽيس جاري نه ڪيو ويو هو. ايس بي سي اي جو چوڻ آهي ته شهر ۾ 578 زبون عمارتون موجود آهن، جن مان سڀ کان وڌيڪ ڏکڻ ضلعي ۾ آهن. انتظاميا عمارت کي زبون قرار ڏيڻ بعد نوٽيس ڏئي آجي ٿي وئي،ادارن خطرناڪ عمارت مان ماڻهو ڪڍڻ جي ذميواري ادا نه ڪئي.   صدر ۽ وزيراعظم پاران افسوس جو اظهار

  1.  رهواسين چار ڀيرا نوٽيس باوجود عمارت نه ڇڏي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي: ڪراچي ميونسپل ڪارپوريشن جي ميئر مرتضيٰ وھاب عمارت ڪرڻ جي اطلاع تي واقعي واري ھنڌ پھتو، واقعي واري ھنڌ ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته زبون حال عمارت جي رھواسين کي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي پاران 4 ڀيرا نوٽيس جاري ڪيا پر عمارت خالي نه ڪئي وئي، بدقسمتي سان ماڻھو گھر خالي ناھن ڪندا، ھن چيو ته ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي سان ڳالھائيندس، غيرقانوني اڏاوتون بند ٿيڻ گھرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.