چين، پاڪستان کي ڀارتي هدفن جي ڄاڻ ڏني: ڀارتي جنرل جو دعويٰ

نئين دهلي (م ڊ) ڀارتي فوج جي ڊپٽي چيف ليفٽيننٽ جنرل راهول سنگهه دعويٰ ڪئي آهي ته مئي ۾ ڀارت سان ويڙهه دوران چين پاڪستان کي ڀارتي هدفن جي سڌي ڄاڻ ڏني ۽ هر ممڪن مدد فراهم ڪئي.  نئين دهلي ۾ دفاعي صنعت بابت تقريب دوران جنرل سنگهه دعويٰ ڪئي ته ڀارت ٻن محاذن تي ويڙهه وڙهي رهيو هو، سامهون پاڪستان ۽ ان جي پٺڀرائي ڪندڙ چين. هن موجب، پاڪستاني آفيسر ڀارتي دفاعي تيارين جا تفصيل ڄاڻن پيا، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جي ڊي جي ايم اوز وچ ۾ ڳالهيون به جاري هيون. جنرل ڀارتي فضائي دفاعي صلاحيتن ۾ فوري بهتري جي ضرورت تي زور ڏنو، جڏهن ته هن اها وضاحت نه ڪئي ته ڀارت کي اها ڄاڻ ڪيئن ملي. چين ۽ پاڪستان جي لاڳاپيل ادارن طرفان ڪو به ردعمل سامهون ناهي آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.