ڪيف (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ روسي صدر پيوٽن جي فون ڪال کان ڪجهه ئي ڪلاڪن پوءِ روس يوڪرين تي وڏو ڊرون حملو ڪيو، جنهن ۾ 23 ماڻهو زخمي ٿيا ۽ ڪيف جي ڪيترين عمارتن کي نقصان پهتو. يوڪرين جي فضائيه موجب، روس 539 ڊرون ۽ 11 ميزائل فائر ڪيا. زيلنسڪي حملي کي بي رحماڻو قرار ڏيندي چيو ته روس جو جنگ ختم ڪرڻ جو ڪو ارادو ناهي. هن آمريڪا کان فضائي دفاعي نظام ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ۽ چيو ته روس تي دٻاءُ وڌو وڃي. ڪييف ۾ 40 اپارٽمينٽ بلاڪ، 5 اسڪول، ريلوي ڍانچو ۽ پولينڊ جي سفارتخاني کي نقصان پهتو. ميئر موجب 14 زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پيوٽن ٽرمپ سان فون ڪال ۾ چيو هو ته ماسڪو پرامن حل چاهي ٿو، پر مقصدن تان پوئتي نه هٽندو. ٽرمپ يوڪرين جنگ جو معاملو اٿاريو هو جڏهن ته ايران معاملي تي به ڳالهيون ٿيون هيون.