خيبرپختونخوا ۾ ايڊونچر ٿيو ته سول وار جو خطرو آهي: مظهر عباس

اسلام آباد (م ڊ) سينيئر صحافي ۽ تجزيي نگار مظهر عباس چيو آهي ته جيڪڏهن خيبرپختونخوا (ڪي پي) جهڙي صوبي ۾ ايڊونچر جي ڪوشش ڪئي وئي ته ان جا نتيجا انتهائي خطرناڪ ٿي سگهن ٿا، جيڪي سول وار تائين وڃي سگهن ٿا. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي مظهر عباس چيو ته بلوچستان ۾ اڳ ئي حالتون خراب آهن، اهڙي صورت ۾ ڪي پي ۾ اهڙي قسم جو ايڊونچر ڪرڻ سان سول وار کانسواءِ ڇا ٿيندو؟ هن واضح ڪيو ته کيس لڳي ٿو ته اهڙي حرڪت جي ڪوشش نه ڪئي ويندي، ڇو ته ماضي مان سبق سکڻ گهرجي. اپريل 2022 ۾ عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ ان جي مقبوليت کي ستين آسمان تي پهچائي ڇڏيو. جيڪڏهن هاڻي به اهڙي حرڪت ڪئي وئي ته سندس مقبوليت ڪٿي پهچندي؟ ڏسڻ گهرجي ته مسلم ليگ ن، پاڪستان پيپلزپارٽي، ۽ اي اين پي جي خيبرپختونخوا ۾ سياسي حيثيت ايتري ڪمزور ڇو ٿي وئي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.