ڪراچي (رپورٽر) سنڌ حڪومت جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ موثر بڻائڻ لاءِ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه اي-ڪابينا ايپ شروع ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هي جديد پليٽ فارم مڪمل طور پيپرليسنظام کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ تيار ڪيو ويو آهي جيڪو نه رڳو سيڪيورٽي ۽ شفافيت کي يقيني بڻائيندو پر ماحولياتي استحڪام کي پڻ هٿي ڏيندو. هن ايپ ذريعي اجلاس جي تياريءَ جو وقت اڌ کان به گهٽ ٿي ويندو جڏهن ته حڪومت جا ڪروڙين رپيا بچائي سگهبا، وڏي وزير اڳ ئي صوبائي آئي ٽي ڊپارٽمينٽ کي هدايت ڪئي هئي ته هڪ صارف دوست اي-ڪابينا ايپ تيار ڪئي وڃي ته جيئن ڪابينا جي ڪارروائي ۽ سمريز کي پيپرليس بڻائي سگهجي. ايپ جي تياري کانپوءِ وزيراعليٰ هائوس ۾ ان جي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، وڏي وزير ٻڌايو ته رڳو ڪاغذن تي ساليانو 1 ڪروڙ 10 لک رپين کان وڌيڪ خرچ ٿين ٿا جڏهن ته فائل ڪورز، بورڊز، تيل ۽ اسٽاف جا ٻيا خرچ ان کان سواءِ آهن..
اي-ڪابينا ايپ نه رڳو خرچ گهٽ ڪندي پر حساس معلومات جي حفاظت، وقت جي موثر استعمال ۽ اي-گورننس کي به فروغ ڏيندي.