حيدرآباد )پ ر ) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊئي بلوچستان جي سينئر سياستدان لشڪري رئيساڻي سان رابطو ڪري سنڌ ۽ بلوچستان جي وسيلن جي تحفظ ۽ قومي حقن لاءِ ٿيندڙ جدوجهد ۾ ڀرپور ساٿ جو اعلان ڪيو آھي، رياض چانڊئي رابطو دوران بلوچستان ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن تي قبضا گيري ۽ لُٽمار تي ڳڻتي جو اظھار ڪيو، جنهن تي نوابزادہ حاجي لشڪری رئيساڻي قوم پرست قيادت جو ٿورو مڃيندي چيو ته گڏيل جدوجهد ڪرڻ وارو عمل بهتر آھي، بلوچستان ۽ سنڌ مٿان مسلط ڊمي اسيمبلين جي وسيلي جعلي قانون سازي سان سنڌي ۽ بلوچن جي ايندڙ نسلن، جي اميد ۽ خوشحالي کسي ڇڏي آھي، گڏيل جدوجهد سان انهن جو رستو نه روڪيو ۽ انساني حقن جي ڀڃڪڙين کي ڪنٽرول نه ڪيو ته ايندڙ نسلن جي وقار، عزت، ناموس ۽ ترقي جو راستو روڪيو ويندو ۽ اسان جا ايندڙ نسل خوشحال ۽ باوقار زندگي کان محروم ٿي ويندا.