ڪي پي حڪومت خلاف بي اعتماديءَ رٿ آڻي سگهون ٿا: گورنر

پشاور(م ڊ) خيبرپختونخوا جي گورنر فيصل ڪريم ڪنڊي چيو آهي ته جنهن ڏينهن اسيمبليءَ ۾ اسان جو هڪ به ميمبر وڌي  ويو ته اسين بي اعتماديءَ جي تحريڪ آڻي سگهون ٿا، جيو نيوز سان ڳالهائيندي هن چيو ته خيبرپختونخوا اسيمبليءَ ۾ اپوزيشن وٽ هاڻ 52 يا 54 ميمبر ٿي ويا آهن، جنهن ڏينهن اسيمبليءَ ۾ اسان جو هڪ به ميمبر وڌي ويو، ته اهو اسان جو جمهوري حق آهي ته اسين بي اعتماديءَ جي تحريڪ کڻي اچون، هن چيو ته اسين وڏي وزير خلاف ڪا به سازش نٿا ڪريون، پي ٽي آءِ جا ڊائلاگ ته اسين اڳ به ٻڌندا رهياسين، جيڪڏهن پي ٽي آءِ وٽ وفاق، پنجاب، بلوچستان ۽ سنڌ ۾ وڌيڪ ميمبر موجود آهن ته پوءِ اهي به بي اعتماديءَ جي تحريڪ آڻين، هن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اسين مولانا فضل الرحمان سان سياسي ملاقاتون ڪندا رهنداسين، جڏهن ته عليمه خان چوي ٿي ته مولانا فضل الرحمان پي ٽي آءِ خلاف ڪنهن به سياسي ڪارروائي ۾ شامل نه ٿيندو ۽ عليمه خان ته مائنس عمران خان به چئي چڪي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.