امام سڳورن جي نانءُ سبيل هلائيندڙ معصوم پريا ڪماري نه موٽي سگهي: صنعان قريشي

ڪراچي(پ ر)جسقم چيئرمين صنعان قريشي چيو آهي ته معصوم پريا ڪماري کي 45 مهينا گذاري ويا آهن پر سرڪار کيس بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، هڪ نياڻي ٽن سالن کان لاپتا آهي ان جي والدين جي ڪهڙي حالت هوندي! سنڌ ۾ ڪو به انصاف ناهي، لاقانونيت جو راڄ آهي، ڪٿي به سنڌ سرڪار نظر نٿي اچي، ٽي سال پهرين معصوم پريا ڪماري پنهنجي والد صاحب سان گڏ امام سڳورن جي سبيل تان اغوا ڪئي آهي، جنهن جي بازيابي لاءِ جيئي سنڌ قومي محاذ پاران سڄي سنڌ ۾ ڪيترائي دفعا معصوم نياڻي جي جون تصويرون کڻي احتجاج ڪيو آهي، سکر ڊي آئي جي آفيس اڳيان ڌرڻو هنيو، سکر گائوشالا ۽ سکر پريس ڪلب ۾ سندس والد راج ڪمار ۽ جسقم مرڪزي قيادت پريس ڪانفرنسون ڪيون آهن پر پريا ڪماري جو ڪو به ڏس پتو ناهي، محرم الحرام ٻه دفعا موٽي آيو آهي، پر محروم الحرام ۾ ڏهين جي ڏينهن امامن جي سبيل هلائيندڙ معصوم پريا ڪماري نه موٽي سگهي آهي، سندس امڙ  اڄ به روئي راهون نهاري پئي، پر وقت جي حڪمرانن کي ڪا به پرواھ ناهي، جساف دادو جي صدر منصور جمالي ۽ نياز چنا مٿان سنڌو درياھ تي ٺهندڙ ڪينالن خلاف احتجاج ڪرڻ تي ڪيس داخل مذمت ڪندي هن چيو ته  ته سرڪار پريا ڪماري سميت سوين معصوم ٻار، نوجوان، بزرگ ته ڌاڙيلن کان بازياب نٿي ڪرائي سگهي، سڄي سنڌ ۾  بدامني جي باھ ڀڙڪي رهي آهي پوليس امن امان ڪرائڻ ۾ ناڪام وئي آهي، اُتر سنڌ ۾ سج لهڻ سان ئي وڏا وڏا شهر بند ٿي وڃن ٿا پر سنڌ جي سلامتي، سنڌو درياھ جي موج مستي لاءِ جدوجهد ڪندڙ، سنڌ ۾ امن امان جي بحالي، منشيات جي خاتمي لاءِ جدوجهد ڪندڙ جسقم جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ ۾ صف اول ۾ نظر اچي ٿي،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.