اسلام آباد(ع آ نيوز) مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر ملڪ اندر سياسي ڇڪتاڻ جي خاتمي ۽ جمهوري عمل جي واڌاري لاءِ سياسي پارٽين جي وچ ۾ ڳالهين جي حمايت ڪئي آهي. خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي مسلم ليگ ن جي هڪ سينيئر اڳواڻ انڪشاف ڪيو آهي ته نواز شريف تازو پارٽي اڳواڻن کي واضح پيغام ڏنو آهي ته هو ڳالهين جا دروازا بند ڪرڻ جي حمايت نٿو ڪري ۽ جيڪڏهن جمهوريت کي اڳتي وڌائڻو آهي ته سڀني سياسي ڌرين کي ڳالهين جو عمل اختيار ڪرڻو پوندو. ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شاهه محمود قريشي سميت پارٽي جي پنجن اڳواڻن جيل مان هڪ خط لکي قيادت کي صلاح ڏني آهي ته حڪومت سان ڳالهيون ڪيون وڃن، پي ٽي آءِ جي چيئرمين، بئريسٽر گوهر، به پنهنجي تازي بيانن ۾ ڳالهين لاءِ آمادگي ظاهر ڪري چڪا آهن. ن ليگ جي اڳواڻ موجب، نواز شريف جو خيال آهي ته جيڪڏهن سياسي جماعتون هڪ صفحي تي اچي وڃن ته رياستي ادارن کي مداخلت جو ڪو جواز نه ملندو. هو سمجهن ٿا ته ڳالهين ۾ ڪاميابي تڏهن ممڪن آهي جڏهن سڀ ڌريون پنهنجن سخت موقفن ۾ لچڪ ڏيکارين. جيڪڏهن عمران خان واقعي سنجيده آهي ته کين به سياسي نرم لهجو اختيار ڪرڻو پوندو ۽ حڪومت طرفان به هاڪاري قدم کڻيا ويندا. اڳواڻن ٻڌايو ته نواز شريف ڳالهين لاءِ ايترو سنجيده آهي جو جيڪڏهن ضرورت پئي ته هو اڊياله جيل وڃي عمران خان سان ملڻ لاءِ تيار آهي. وزيراعظم شهباز شريف، خواجه سعد رفيق ۽ رانا ثناءُ الله به بار بار پنهنجي بيانن ۾ ڳالهين جي اهميت تي زور ڏيندا رهيا آهن۔ تازي ڏينهن ۾ خواجه سعد رفيق چيو ته سياسي جماعتن کي گڏ ويهي اهو طئي ڪرڻو پوندو ته ملڪ کي ڪهڙي طرف وٺي وڃڻو آهي۔ "جيڪڏهن دشمن ملڪ پاڻ ۾ ڳالهائي سگهن ٿا ته پاڪستاني جماعتون ڇو نه؟ ائين رانا ثناءُ الله به ڪيترن موقعن تي چيو آهي ته جيڪڏهن نواز شريف کي عمران خان سان ملڻ لاءِ جيل وڃڻو پيو ته هو ان کان به نه ڪيٻائيندا.