سنڌ ۾ طوفاني برساتن جو نئون الرٽ، شهري ٻوڏ جو خطرو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي سميت سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اڄ کان 5 جولاءِ تائين برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪجهه هنڌن  تي تيز برسات به پئجي سگهي ٿي. موسمياتي ماهرن موجب، چوماسي جو ٻيو نظام ڏکڻ اوڀر سنڌ جي علائقن تي اثرانداز ٿي رهيو آهي، جنهن سبب ٿرپارڪر، ننگرپارڪر، مٺي، عمرڪوٽ، دادو ۽ سکر سميت بلوچستان جي ڪجهه حصن ۾ به برسات جي امڪان جو اظهار ڪيو ويو آهي. 6 جولاءِ کان نئون برسات وارو سسٽم ملڪ جي اتر علائقن ڏانهن وڌندو، جنهن بعد اين ڊي ايم اي 6 کان 10 جولاءِ تائين سڄي ملڪ ۾ برسات، طوفان، آنڌاري، ۽ ٻوڏ جي صورتحال بابت الرٽ جاري ڪيو آهي. سکر، نوابشاهه، ڪشمور، حيدرآباد، ڪراچي، ميرپورخاص، سانگهڙ، ڄامشورو، ٽنڊوالهيار، ٺٽو، بدين، گهوٽڪي، خيرپور، شڪارپور، لاڙڪاڻو، جيڪب آباد ۽ ٻين ضلعن ۾ به برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته برساتن سبب شهري علائقن ۾ اربن فلڊنگ، علائقا پاڻي هيٺ اچڻ، بجلي جي بندش ۽ روڊن تي ٽريفڪ جي رواني متاثر ٿيڻ جا خدشا ظاهر ڪيا ويا آهن. جابلو علائقن ۾ لينڊ سلائڊنگ، نالن ۾ چاڙهه ۽ جاني و مالي نقصان جو خطرو موجود آهي. اين ڊي ايم اي عوام کي احتياط جي اپيل ڪئي آهي، جڏهن ته لاڳاپيل ضلعي ۽ صوبائي ادارن کي اڳواٽ حفاظتي اپائن تي عملدرآمد جي هدايت جاري ڪئي وئي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.