اسلام آباد(م ڊ) وفاقي حڪومت پهرين جولاءِ کان فائلر ۽ نان فائلر ماڻهن لاءِ هر قسم جي بئنڪ ٽرانزيڪشن تي ٽيڪس وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، جتي حڪومت نان فائلرن لاءِ بئنڪن مان رقم ڪڍڻ تي ٽيڪس جي شرح وڌائي ڇڏي آهي اتي بئنڪن به پنهنجن چارجزن ۾ به وڏو واڌارو ڪري ڇڏيو آهي، بئنڪن مان اي ٽي ايم ڪارڊ يا ڪيش ڪائونٽر ذريعي چيڪ سان روزانو 50 هزار رپين کان وڌيڪ رقم ڪڍڻ تي هاڻ فائلرن کان به 0.3 سيڪڙو ٽيڪس ڪٽجي رهيو آهي، جڏهن ته نان فائلرن کان 0.6 سيڪڙو ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، ذريعن موجب، بئنڪن پاران پهريان ٻين بئنڪن جي اي ٽي ايم استعمال ڪرڻ تي چارجز 18 رپين مان وڌائي 23 رپيا ڪيا ويا هئا، هاڻي پهرين جولاءِ کان وڌيڪ اضافو ڪندي 23 رپين مان وڌائي 34 رپيا في ٽرانزيڪشن مقرر ڪئي وئي آهي، اهڙيءَ طرح اي ٽي ايم ڪارڊ فيس ۾ 700 رپين جو اضافو ڪيو ويو آهي، ايس ايم ايس الرٽ سروس فيس ۾ به 800 رپين جو اضافو ڪندي، ان کي 1200 رپين مان وڌائي 2000 رپيا ڪيو ويو آهي، ان کانسواءِ، ڪيش ڪائونٽر تان چيڪ ذريعي رقم ڪڍڻ تي به هاڻ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، نان فائلرن لاءِ ڪيش ڪائونٽر ذريعي 20 هزار رپيا ڪڍڻ تي 522 رپيا ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته فائلرن لاءِ به روزانو 50 هزار رپين کان وڌيڪ رقم ڪنهن به صورت ۾ بينڪ مان ڪڍڻ تي 0.3 سيڪڙو جڏهن ته نان فائلرن تي 0.6 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ڪيو ويو آهي، بينڪن اي ٽي ايم ذريعي رقم ڪڍڻ لاءِ حد مقرر ڪري ڇڏي آهي، اسٽينڊرڊ ڊيبٽ ڪارڊ رکندڙ روزانو 25 هزار رپين کان 50 هزار رپين تائين اي ٽي ايم ذريعي رقم ڪڍي سگھندا، جڏهن ته پريميئم ڪارڊ رکندڙ روزانو پنج لک رپيا ۽ فارن ڊيبٽ ڪارڊ رکندڙ روزانو 200 کان 500 ڊالر جي برابر رقم ڪڍي سگھندا، هڪ ڏينهن ۾ 50 هزار رپين کان وڌيڪ رقم ڪڍڻ تي پاڻمرادو بينڪ اڪائونٽ مان ٽيڪس ڪٽجي ويندو، ان کان سواءِ، انٽرنيشنل اي ٽي ايم ذريعي رقم ڪڍڻ تي يا ته ڪڍي ويندڙ رقم جي شرح مطابق فيس ڪٽي ويندي يا وري بينڪ جي مقرر ڪيل فڪس فيس جي حساب سان ڪٽوتي ڪئي ويندي، اهو بينڪ تي دارومدار هوندو ته اُها فيس وٺڻ جو ڪهڙو طريقو اختيار ڪري ٿي، پهرين جولاءِ کان نون ٽيڪس ريٽن ۽ بينڪ چارجز ۾ واڌ کان پوءِ صارفين ۽ بينڪ انتظاميا جي وچ ۾ تڪرار شروع ٿي ويا آهن، جنهن سبب بينڪن شيڊول چارجز تي ٻيهر نظرثاني لاءِ ون لنڪ سان رابطو ڪري ورتو آهي، بينڪن جو چوڻ آهي ته ان صورتحال سان بينڪنگ ڏيتي ليتي متاثر ٿيندي ۽ نقدي (ڪيش) اڪانامي کي هٿي ملندي.