ڪراچي مان چوري ڪندڙ ملازما جون پنجاب ۾ ملڪتيون!

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن مان 5 ڪروڙ رپين جي چوريءَ ۾ ملوث ملازما شهناز ۽ سندس پٽ فهد خلاف ڏکڻ جي جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، جتي دليل ٻڌڻ کانپوءِ عدالت شهناز جي ضمانت بابت فيصلو اڄ لاءِ محفوظ ڪري ورتو، جڏهن ته سندس پٽ فهد جي ضمانت هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪئي وئي. جاچ  دوران شهناز وٽان 5 لک 75 هزار رپيا روڪ رقم هٿ آئي، جڏهن ته سندس بينڪ اڪائونٽ مان 33 لک 40 هزار رپيا مليا. عدالت ۾ جمع ڪرايل بيان موجب، شهناز وٽ پنجاب ۾ به ملڪيتون آهن، جن ۾ ٽي فليٽ، هڪ دڪان، چار گاڏيون ۽ چار موٽرسائيڪلون شامل آهن. جاچ موجب، ڪلفٽن جي گهر مان چوري ٿيل رقم مان پنجاب ۾ هڪ پراپرٽي خريد ڪئي وئي، جتي سندس مائٽ رهندا آهن. پوليس شهناز ۽ سندس پٽ کي چوري جي بنياد تي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.