ڪراچي (رپورٽر)سينيئر صوبائي وزير اطلاعات ۽ ٽرانسپورٽ شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ حڪومت محرم الحرام دوران فول پروف سيڪيورٽي انتظامات کي يقيني بڻايو آهي. وزيراعليٰ سنڌ مختلف مذهبي عالمن سان ملاقاتون ڪيون ۽ اعزداري جي ڏينھن دوران مجلسن ۽ جلوسن لاءِ سيڪيورٽي پلان جو جائزو ورتو. هن ٻڌايو ته ڪمشنر ڪراچي 15 اپريل 2025ع تي هڪ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، جنهن تحت شهر جي 11 وڏين روڊن تي چنگچي رڪشن جي آمدرفت تي پابندي لاڳو ڪئي وئي. هن واضح ڪيو ته اها پابندي سموري ڪراچي تي نه پر مخصوص مرڪزي روڊن تائين محدود آهي، هن سوال ڪيو ته ڇا ملڪ جي ٻين حصن ۾ مرڪزي روڊن تي چنگچي رڪشا هلن ٿا؟ تعليم جي شعبي بابت ڳالهائيندي، شرجيل انعام ميمڻ ٻڌايو ته سنڌ حڪومت سڄي صوبي ۾ 93,118 استاد ڀرتي ڪيا آهن، جن ۾ 58,613 مرد ۽ 31,075 عورتون شامل آهن. اقليتن جي ڪوٽي تحت 2,100 ۽ خاص قابليتن وارن لاءِ 1,330 استادن کي مقرر ڪيو ويو آهي. هن چيو ته اهي ڀرتيون مڪمل شفافيت سان IBA ٽيسٽ ذريعي ڪيون ويون ۽ انهن تي ڪو به اعتراض نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته علي امين گنڊا پور کي اپوزيشن جي ضرورت ناهي، هو پاڻ ئي پنهنجي اپوزيشن آهي. ڪي پي ڪي ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي ۽ اتي جو وزيراعليٰ اسلام آباد تي چڙهائي جون ڳالهيون ڪري ٿوهن چيو ته جماعت اسلامي ڪڏهن به ڪراچي ۾ پنهنجو ڪم ناهي ڪيو ۽ هميشه فتنن واري سياست ڪئي آهي. سنڌ حڪومت تنقيد برداشت ڪري ٿي، پر ڪنهن کي به حڪومت کي ڊڪٽيٽ ڪرڻ جي اجازت نه آهي،هن چيو ته ايم ڪيو ايم کي ڪراچي جي ايتري ڳڻتي آهي ته مڪاني چونڊون ڇو نه وڙهيون،