گورنر وٽ حڪومت ڪيرائڻ جي ڪا به حيثيت ناهي: گنڊاپور

پشاور (م ڊ) خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور چيو آهي ته گورنر وٽ منهنجي حڪومت کي ڪيرائڻ جي ڪا به حيثيت ناهي، گورنر ته ڪائونسلر جي سيٽ به نٿو کٽي سگهي، ميڊيا سان ڳالهائيندي هن  چيو ته سوات واري واقعي جي جاچ جاري آهي، جتي جتي جنهن جي به غفلت ثابت ٿي، اتي ڪارروائي ڪئي ويندي، ياد رهي ته ٻه ڏينهن علي امين گنڊاپور وفاقي حڪومت کي للڪاريندي چيو هو ته جيڪڏهن طاقت آهي ته خيبرپختونخوا ۾ منهنجي حڪومت کي ڪيرائي ڏيکاريو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.