وسيلا ڦرڻ لاءِ 27هين ترميم آندي پئي وڃي:وسند ٿري

حيدرآباد ( پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي سينئير نائب صدر نور احمد ڪاتيار،  مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ لال جروار، نور نبي پليجي ۽ ايڊووڪيٽ اياز ڪلوئي پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته مخصوص سيٽون حڪومتي جماعتن کي ڏئي 27 هين آئيني ترميم جو رستو صاف ڪيو ويو آهي. 27 هين ترميم ذريعي ملڪ ۾ مڪمل طور هٽلر جهڙي فاشسٽ ڊڪٽيٽرشپ قائم ڪئي ويندي. اڳواڻن چيو ته اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان سميت عدليه ۽ سمورا ادارا يرغمال آهن. نون ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي آڱوٺي ڇاپ وڏيرن ذريعي عدليا کي ڪنٽرول ڪيو پيو وڃي. سنڌ سميت سمورين مظلوم قومن جا وسيلا آمريڪا جي حوالي ڪرڻ لاءِ ستاويهين ترميم جي تياري ڪئي پئي وڃي، اڳواڻن چيو ته حڪومت ميڊيا ۽ عدليا کي قيد ڪري ملڪ ۾ هائبرڊ مارشل لا لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.